ڪنري ڀرسان ٽن ڄڻن جي عورت سان مبينا زيادتي، ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار

ڪنري ڀرسان ٽن ڄڻن جي عورت سان مبينا زيادتي، ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار

ڪنري (رپورٽر) ڪنري ڀرسان ٽن ڄڻن جي عورت سان مبينا زيادتي، ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار، ميمڻ ڪنري لڳ اوطاق ڄام ميمڻ تي ٽن جوابدارن جي انيتا زال همير ڪولهي سان مبينا زيادتي، متاثر عورت جي مڙس همير ڪولهي جي فرياد تي لکيو ڪولهي، رائيچند ڪولهي ۽ هڪ اڻسڃاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي جو چوڻ هو ته جوابدارن گھر ۾ گھڙي زال جي منھن تي هٿ رکي زبردستي ٻاهر وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد هڪ جوابدار رائيچند ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو