ملير: ولي محمد ڳوٺ جي اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ ۽ گرمي سبب شاگرد بيهوش

ملير: ولي محمد ڳوٺ جي اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ ۽ گرمي سبب شاگرد بيهوش

ملير(عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي ولي محمد ڳوٺ ۾ بجلي جي بندش سبب سخت گرمي ۾ شاگرد بيهوش، اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم, ملير جي علائقي ولي محمد ڳوٺ ۾ بجلي جي ڊگهي اڻ اعلانيل بندش ۽ سخت گرمي سبب گورنمينٽ بوائز اينڊ گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول حاجي ولي محمد جو شاگرد ارمان ولد در محمد بيهوش ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر اسپتال ويندي ٻيهر سندس طبيعت خراب ٿي وئي ۽ کيس بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، جنهن سبب والدين سخت پريشان ٿي پيا ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ملير جي ڪيترن ئي علائقن وانگر ولي محمد ڳوٺ ۾ به مسلسل بجلي جي بندش جاري آهي، جنهن سبب اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙا سخت متاثر ٿي رهيا آهن۔ استادن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اهو پهريون واقعو ناهي، هن اسڪول ۾ روزانو صبح کان موڪل تائين بجلي بند هوندي آهي.هن قديمي اسڪول جي بنياد پاڪستان بڻجڻ کان اڳ وڌي هئي، پر اڄ تائين هتي نه بجلي، نه پاڻي ۽ نه ئي ٻيون بنيادي سهولتون ميسر آهن۔ استادن ۽ والدين حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري ٻارن جي تعليم ۽ صحتيابي کي يقيني بڻايو وڃي