English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
67 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جھرڪ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ جو پردو فاش، هڪ جوابدار گرفتار، ٻه فرار.جھرڪ پوليس بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گينگ خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پوليس ڪارروائي دوران هڪ جوابدار چوري شده موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ منو ولد عبدالستار ملاح، رهواسي سانگ ميھاڻ، ضلعو ٽنڊو محمد خان طور ٿي آهي. گرفتار جوابدار وٽان ھڪ ٻئي چوري ٿيل موٽر سائيڪلون پڻ برآمد ڪئي ويئي آھي.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واردات ۾ ملوث فرار جوابدار الڻ ولد منو ملاح ۽ عمران ولد محمد رمضان ملاح جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ سندن تلاش جاري آهي.ان حوالي سان ڊي ايس پي جھرڪ واجد ٿهيم ۽ ايس ايڇ او جھرڪ اميربخش بکراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ شرط پوليس فوري ڪارروائي ڪئي، جوابدارن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ ٽنڊو محمد خان ويندڙ روڊ سم نالي ڀرسان گهيرو ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻيا ٻه فرار ٿي ويا. پوليس موجب، گرفتار جوابدار دورانِ جاچ جھرڪ جي حد مان ٿيل وڌيڪ موٽر سائيڪل ڦرن جو اعتراف پڻ ڪيو، جنهن بعد اهي موٽر سائيڪلون به برآمد ڪيون ويون آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٻين وارداتن بابت جاچ جاري آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو
0 تبصرے