مورو واقعو، پوليس جون شهر ۾ ڪارروائيون، استاد سميت ڪيترائي نوجوان مبينا کنڀي گم

پوليس شهر ۾ گهرن تي ڪاهه ڪري ٽن ڀائرن جيوڻ، گل ۽ صدام لغاري، استاد معشوق لغاري کي کنڀي کڻي وئي: وارث

مورو واقعو، پوليس جون شهر ۾ ڪارروائيون، استاد سميت ڪيترائي نوجوان مبينا کنڀي گم

مورو (جاني جماڻي)مورو سانحو عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي قتل کان پوء مورو ۾ پوليس گردي جاري آهي مختلف علائقن ۾ گهرن تي پوليس جون چڙهايون تشدد ۽ نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي خبر موجب مورو پوليس جي وڏي نفري گذريل رات دير سان شهر جي لغاري محلا ۾ گهر تي رات جي تاريڪي ۾ دروازا ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن مردن نوجوانن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري ٽن نوجوان ڀائرن جيوڻ لغاري گل لغاري ۽ صدام لغاري تي تشدد ڪندا گهليندا کنڀي کڻي ويا ان کان علاوه شهر جي گچيرو روڊ تي پرائمري استاد معشوق لغاري جي گھر م داخل ٿي عورتن مردن تي تشدد ڪري استاد معشوق لغاري کي هٿيارن جا ڪنداق هڻي کنڀي کڻي ويا جڏھن ته گچيرو روڊ سميت پوليس محسن لغاري مختيار لغاري نثار لغاري اسرار لغاري ممتاز لغاري ايس يو پي جي اڳواڻ صدام ڀٽي ۽ سندس ٻن ڀائرن جون اکيون ٻڌي تشدد ڪندا کنڀي کڻي ويا گرفتار ٿيل نوجوانن جي وارثن مردن عورتن ۽ ٻارڙن پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته مورو ۾ پوليس جو ظلم جاري آهي لغاري برادري ۽ ٻين برادرين جي گهرن تي چڙهايون ڪري معصوم ٻارن عورتن مردن تي تشدد ڪري نوجوانن کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي انهن جو ڪوب ڏوھ ناهي بنا ڪنهن جواز جي نوجوانن کي کڻي گم ڪيو ويو آهي جن تي دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا پوليس سڄي مورو کي يرغمال بڻائي ڇڏيو لغاري ذات هئڻ ڪري انهن سان اهڙو حشر ڪيو پيو وڃي پوليس عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کان پوءِ اڃان تائين ظلم جاري آهي هنن پوليس کي چتاء ڏنو ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ بنا ڪنهن سبب جي گهرن تي چڙهايون تشدد گرفتاريون بند ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ سوين عورتون مرد ۽ ٻار قومي شاھراھ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويندو جنهن جي ذميداري پوليس تي هوندي