عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سي آءِ اي پوليس عمرڪوٽ منشيات جي واپار خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي سامارو ڀرسان رام جاڳو اسٽاپ تي اهم ڪاروائي عمل ۾ آندي، ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي پوليس اقوا گاڏي نمبر BQT 364 کي روڪي، بدنام زمانه منشيات ڊيلر راجا مري کي عاداب ۽ سفينا جي نشي آور پڙين جي 20 ڪٽن سميت گرفتار ڪري ورتو، واقعي دوران منشيات جي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ ٻه جوابدار عزيز بروهي ۽ صادق سينهڙو موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار جوابدار ۽ فراري ساٿين خلاف سامارو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪَ جاچ جاري آهي، پوليس ذريعن مطابق ڄاڻايل منشيات فروش مختلف نمبر پليٽن سان گاڏين ۾ نشي آور پڙيون کڻي، ڳجهي طريقي سان مختلف علائقن جي دڪانن تي وڪرو ڪندا هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات خلاف بنا ڪنهن دٻاءُ جي ڪاروائيون جاري رهنديون ۽ جلد فرار جوابدار به قانون جي پڪڙ ۾ ايندا.
0 تبصرے