English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
242 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ ۾ نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بنائي ڇڏي آهي.پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ ۾ نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جمھوريت پيپلزپارٽي جا ھاٿي وانگر ظاھري ڏند آهن پيپلزپارٽي سنڌ ۾ آمريت قائم ڪري جمھوريت جي پٺ ۾ خنجر ھڻي پنهنجي اقتدار جي تابوت ۾ ڪوڪا ٺوڪي رھي آھي پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن تہ اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي ۽ ڪجھ سالن ھوندو آھي پر ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهو سدائين لاءِ ھوندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻھو سجاڳ ۽ خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين پيپلزپارٽي سنڌ جي اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي. ست ڪڙور سنڌين کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده ڪرپٽ نااهل سنڌ حڪومت وٽ سنڌي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران انهن جي تباھي جو منصوبو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي ڏوھن ۽ منشيات جو ڳڙھ بنايو ويو آھي. شھرن کان وٺي ڳوٺن تائين منشيات فروشن جي نيٽورڪ کي مضبوط ڪيو ويو آھي. سڄي سنڌ ۾ وزيرن، اين پي ايز، ايم اين ايز، سردارن ۽ وڏيرن جي مرضي جا پوليس آفيسر مقرر آھن. پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪرپشن کانپوءِ منشيات کي ڪاروبار بنائي ڇڏيو آھي. نوجوان نسل کي علم، سياست ۽ ميرٽ کان روڪڻ لاءِ منشيات جو عادي بنايو پيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن
0 تبصرے