مورو)جاني جماڻي( مورو قومي شاهراھ تي سنڌوءَ درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار خلاف پر امن احتجاج دوران فائرنگ سبب شھيد نوجوان زاھد لغاري جي جنازي نماز ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي تنظيم جي اڳواڻن صحافين، شھرين ڳوٺاڻن مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز مذھبي اڳواڻ اياز ڪمي پڙھائي جنازي نماز پڙھائڻ بعد شھيد جي مڙھ کي قومي جھنڊي سان سلامي ڏئي ڌرتيءَ ماءُ جي ھنج ۾ ھميشھ لاءِ سمھاريو ويو جڏھن تہ تڏي تي پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي جنھن ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، ھاشم کوسو، خالد ٻگھيو، ڪامريڊ وينگس، ايڊووڪيٽ منور تنيو، ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ قادر بخش ڪورائي، ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيليءَ، صحافين، بالا بلوچ، منظور احمد خاصخيليءَ، استاد الھبچايو لغاري، آصف جوڻو سميت ٻيا تڏي تي پھچي دعا گھري تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو تہ اسان پنھنجي جياپي سنڌوءَ درياءَ پاڻي، سنڌ ڌرتيءَ جي زمين جي والار خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ لاءِ پھتا ھئاسين پر ان کي پوليس پرائيويٽ ماڻھن سان گڏجي پر تشدد بڻائي گوليون وسايون آھن ۽ اسان جو نوجوان شھيد ڪيو ۽ ڪيترائي زخمي ڪيا ويا آھن جيڪي موت سان زندگين جي جنگ وڙھي رھيا آھن ھي ڪٿان جو قانون آھي جو ڪنھن پر امن ماحول کي خراب ڪيو وڃي ۽ وري ڪيس به انھن مٿان داخل ڪيو وڃي اھا ناانصافي ظلم آھي اسان انھي سموري صورتحال جي لاءِ وس وارن ڌرين کان مطالبو ٿا ڪريون تہ جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان پنھنجي انصاف لاءِ عدالت سڳوريءَ ۾ وينداسين جتان اسان کي انصاف جي اميد آھي باقي اسان پنھنجي جياپي کي بچائڻ لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون ڪڏھن به پوئتي نه ھٽنداسين اسان وقت جي حڪمرانن کي چئون ٿا تہ ھي سنڌوءَ درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار بند ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي ماڻھن کي حق ڏنا وڃن.
0 تبصرے