English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن پاران لوڊشيڊنگ گهٽائڻ ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
views
|
10th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
واپڊا انتظاميه وارن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رھي ٿي: ڪامريڊ گل حسن رند
سجاول (رپورٽر) ترقي پسند پارٽي تعلقه سجاول جي اڳواڻن ڪامريڊ گل حسن رند.سڪندر آمڙو.دادا سنڌي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سجاول ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي لوڊشيڊنگ سبب شهري ڪاروباري توڙي عام ماڻهو سخت پريشان آهن واپڊا انتظاميه وارن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رھي ٿي جنھن جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي ٻي طرف سجاول شھر ۾ منشيات جو واهپو ۽ وڪرو کلي عام عام آھي شھر ۾ گھٽڪو.مائو.پڙيون ڪچو شراب سميت ھر قسم جي منشيات ھلي پئي منشيات فروش اھڙي قسم جي منشيات جو بي خوف ڌندو ڪن پيا جن کي ڪير چوڻ وارو ناهي منشيات فروش قانون کان به زور آور آھن جيڪي مھانگي گاڏين ۾ منشيات آڻي داخلي رستن تان اچن ٿا جن مان اھيو پڻ خطرو آهي ته ھو وڏا ھادثا ڪري حياتيون وڃائي سگھن ٿا منشيات واپرائڻ سبب ڪافي ماڻھو فوت ٿي ويا آھن جڏھن ته ڪافي تعداد ۾ نوجوان نشي جا عادي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آھن موالي نشي لاءِ چوريون ڪن ٿا شريف شھري پريشان آهن منشيات ايتري قدر وڌي وئي آهي جو نوجوان نسل مرد عورتون ٻارڙا به نشي سماجي وبا جي ور چڙهيل آهن اھڙي سماجي براين منشيات فروشن خلاف پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي اسان ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي سجاول ايس ايڇ او سجاول کان مطالبو ٿا ڪيون ته سجاول ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي منشيات تي ڪنٽرول ڪري منشيات فروشن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ ضلعي تنظيم توڙي مرڪز سان مشاورت ڪري احتجاج ڪيا ويندا ايس ٽي پي سجاول جي عوام سان گڏ آھي اسان ھر ان اداري خلاف هونداسين جيڪي عوام دشمن پاليسين تي ھلندا اسان انھن خلاف ماٺ ڪري نه ويهنداسين فوري طور لوڊشيڊنگ توڙي سماجي برائين جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪامريڊ گل حسن رند
سجاول ۾ ايس ٽي پي
STP
0 تبصرے