پاڪستان ۾ انجنيئرنگ جي تعليم جي تباهي

احسان احمد عرساڻي

پاڪستان ۾ انجنيئرنگ جي تعليم جي تباهي

"آهني رياست" واري تصور کي اڃا چٽو ڪرڻ ڏانهن وک وڌائيندي، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پنهنجي ايڊيشنل رجسٽرار (نصاب) انجنيئر اوصاف محمود ملڪ جي صحيح سان 10هين اپريل 2025ع تي هڪڙو مراسلو جاري ڪيو جنهن اندر انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامس ۾ "نظريہ پاڪستان"، "فهم قرآن 1"، ۽ "فهم قرآن 2" جي نالن سان نوان لازمي مضمون شامل ڪرڻ جون هدايتون ڏنل آهن. اهي نوان مضمون اڳ ۾ ئي موجود "پاڪستان جو اڀياس" ۽ "اسلاميات" کان علاوه آهن. ان مراسلي ۾ ڄاڻايل آهي تہ "فهم قرآن" جا ٻہ لازمي مضمون صرف مسلمان شاگردن لاءِ آهن، تاهم مراسلي ۾ اهو ڄاڻايل نہ آهي تہ ساڳين مضمون جي جاءِ تي غير مسلم شاگرد ڇا پڙهندا. پنجاب جي ادارن ۾ اهي مضمون گھٽ ۾ گھٽ ٽن ورهين کان پڙهائجن پيا، جتي غير مسلم شاگردن لاءِ ڪو بہ متبادل مضمون اڃا تائين متعارف نہ ٿي سگھيو آهي. تنهن جو مطلب تہ پنجاب جي ادارن ۾ اهي مضمون عملاً مسلم توڙي غير مسلم سمورن شاگرن جي مٿان لازمي لاڳو ٿي چڪا آهن. بلڪل ايئن ئي جيئن "مطالعہ پاڪستان" جو مضمون پاڪستاني ادارن اندر پڙهندڙ غير ملڪي شاگردن مٿان پڻ لازمي رهندو اچي. انجنيئرڱ پروگرامن جي "غير انجنيئرڱ" ڀاڱي ۾ پنهنجي مرضيءَ جا مضمون داخل ڪرائڻ وارو پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل جو هدايتنامو اعليٰ تعليمي ادارن جي خودمختياريءَ مٿان ضرب آهي. پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل، جنهن جو اصل مينڊيٽ رڳو ملڪ اندر انجنيئرڱ جي پيشورانہ خدمات ۽ انجنيئرڱ تعليم جي ريگيوليشن آهي، سا هاڻي نصابي مائڪرومينيجمينٽ ۾ ملوث ٿي وئي آهي، جنهن سان جامعات جو پنهنجي شاگردن جي بهترين مفادن وٽان نصاب جوڙڻ وارو اختيار متاثر ٿي رهيو آهي. ذڪر هيٺ مراسلي جي گهري مطالعي مان معلوم ٿيندو تہ غير انجنيئرڱ ڀاڱي جي ڪل 42 ڪريڊٽ اورس مان رڳو 2 ڪريڊٽ اورس ئي جامعات جي صوابديد تي ڇڏيل آهن. انجنيئرڱ ڪائونسل جو اهڙو فيصلو "حقيقت پسندانہ ۽ پيشورانہ انجنيئرڱ قابليتن توڙي اخلاقيات سان موافق معيارن جي پاسداري ڪرڻ" واري نصب‌العين سان متصادم آهي. پنهنجي"عالمي معيارن جي پاسداري" واري دعويٰ تي پورو لهندي، ڇا پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل ڪو هڪڙو اهڙو مثال پيش ڪري سگھندي، جتي انجنيئرڱ تعليم جو ڪو ضابطياتي ادارو مذهب يا صحيفا لازمي پڙهائڻ جي سفارش ڪندو هجي؟ پِي اِي سِي ايڪٽ 1976ع تحت، ڪائونسل کي اختيار آهي تہ پهرين ۽ ٻين شيڊيولس جي پروگرامس جي تسليميءَ لاءِ ڪم‌ازڪم گھربل مطالعي ۽ عملي تربيت جو تعين ڪري – پهرين شيڊيول ۾ اهي پروگرامس شامل آهن جيڪي پاڪستاني ادارا هلائين ٿا، جڏهن تہ ٻين شيڊيول ۾ اهي پروگرامس شامل آهن جيڪي بين‌الاقوامي ادارا هلائين ٿا. 13هين جنوري 2025ع تي جاري ڪيل پِي اِي سِي جي پنهنجي پڌرنامي پٽاندر، يُو ڪي انجنيئرڱ ڪائونسل، يورپيئن فيڊريشن آف نيشنل انجنيئرڱ ايسوسيئيشنس، ۽ ڪن چيني ادارن جا تسليم شده پروگرامس ٻين شيڊيول ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ظاهر آهي تہ انهن مان ڪنهن بہ پروگرام جي نصاب ۾ "مطالعہ پاڪستان"، "نظريہ پاڪستان"، "اسلاميات" يا "فهم قرآن" وارا مضمون شامل نہ آهن. تنهنڪري، ملڪي ادارن جي شاگردن مٿان اهي مضمون مڙهڻ پِي اِي سِي جي پنهنجي معيارسازيءَ Standardization واري طَي شده دائري جي اورانگھہ آهي، جيڪو فقط "ڪم‌ازڪم معيار" طَي ڪرڻ تائين محدود آهي. عالمي سطح تي انجنيئرڱ نصاب جي "غير انجنيئرڱ" ڀاڱي ۾ رياضيات، فطري سائنسون، انتظامڪاري Management، ۽ بشريات Humanities جا متفرق مضمون جهڙوڪ وزوئل آرٽس، ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، مقبول ثقافت، صنفيات (Gender Studies)، اخلاقيات، قانون، هيومن جاگرافي، مانسڀياس (Anthropology)، ۽ آرڪيالاجي شامل آهن. رياضيات کي انجنيئرڱ جي زبان تصور ڪندا آهن، جڏهن تہ ٻيا سمورا مضمون ان لاءِ سيکاربا آهن تہ جيئن استقبالي انجنيئرس کي اهڙا سافٽ اسڪلس ڏئي سگھجن جيڪي کين سندن چوڌاري موجود دنيا کي وسيع تناظر ۾ سمجھڻ جهڙو بنائين. بدقسمتيءَ سان، پاڪستان جا اعليٰ تعليمي ادارا يا تہ انهن اهم مضمونن کي نظرانداز ڪندا اچن يا کين اهڙي عمل تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جنهن سان اعليٰ تعليم جو احاطو تمام تنگ ۽ اسان جا انجنيئرس تنگ نظر ٿي پيا آهن. نتيجتاً، پاڪستاني اعليٰ تعليم مکيہ تدريسي قدرن جهڙوڪ پنهنجائپ Adaptability، تخليقمندي Creativity، ۽ آزاد سوچ Independent Thinking کان خالي، ۽ پاڪستاني انجنيئرس عالمي سطح تي تسليم شده پيشورانہ روايات norms ۽ دستور practices کان وانجھيل رهجيو وڃن. "نظريہ پاڪستان" ۽ "فهم قرآن" جا نوان لازمي مضمون پنجاب حڪومت جو ذهني اختراع آهن. انهن مضمونن کي ملڪي سطح تي لاڳو ڪرڻ لاءِ پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل کي وسيلي طور استعمال ڪندي، وفاقي حڪومت پنهنجي آئيني حدن کي اورانگھيو آهي، انهن اختيارن جي لتاڙ ڪئي آهي جيڪي 18هين ترميم کان پوءِ خالصتاً صوبائي اسم آهن، ۽ پنجاب جون سختگير مذهبي پاليسيون ٻين صوبن مٿان مڙهيون آهن. بنان وڌيڪ دير جي پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل کي صوبائي ۽ تدريسي ادارن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي خودمختياريءَ جو احترام ڪرڻ گھرجي. هن وقت مهراڻ يونيورسٽي اهي مضمون جلدبازيءَ ۾ نئين ايندڙ بيچ مٿان مڙهڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهي آهي. سڀني شعبن جي نشستمانن Chairmen کي زباني حڪمناما ڏنا پيا وڃن تہ انهن نون مضمونن کي پنهنجي پروگرامس جي نصاب ۾ شامل ڪن. جڏهن تہ اها ذميواري يونيورسٽيءَ جي مرڪزي انتظاميہ جي آهي تہ سڀ کان اڳ ۾ "فهم قرآن" وارن مضمونن جو سليبس تيار ڪرائي. پر نہ سليبس تيار آهي، ۽ نہ ئي غير مسلم شاگردن لاءِ ان جو متبادل مضمون تيار آهي. ان جي باوجود جلدبازيءَ ۾ سڀني شعبن مٿان دٻاءُ وجھندي "فهم قرآن" جا ٻہ مضمون لاڳو ڪرائڻ جي پٺيان ڪنهن ڳجھي طاقت جو دٻاءَُ ڪارفرما آهي. متبادل مضمون جي وضاحت کان سواءِ "فهم قرآن" جا ٻہ مضمون انجنيئرڱ پروگرامس جي رٿا جو حصو ٿي وڃڻ کان پوءِ اهي غير مسلم شاگردن مٿان بہ پاڻ مرادو مڙهجي ويندا. اها ڦڙتي ڏيکارڻ بجاءِ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي ذميواري آهي تہ سنڌ حڪومت خاص طور هاير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ سان مشورو ڪن ۽ ان کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڄاڻائين. اعليٰ تعليمي ادارن کي ۽ سنڌ جي سماجي توڙي استاد تنظيمن کي پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل جي اهڙي هدايتنامي کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهو قدم ڪائونسل جي پنهنجي ايڪٽ ۾ ڄاڻايل مينڊيٽ کان تجاوز آهي. aaursani@gmail.com ليکڪ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ ڄامشورو جي جياطب Biomedical انجنيئرنگ شعبي ۾ پروفيسر آهي.