ڇا ڪئنال معاملي ۾ سنڌ جي فتح ٿي؟

ليکڪ: عطا حسين جاگيراڻي /قانون جو شاگرد

ڇا  ڪئنال معاملي ۾ سنڌ جي فتح ٿي؟

سنڌ جيڪا پوئين 8 مھينن کان ھڪ لازوال جدوجھد ڪري رھي ھئي ھڪ اھڙي جدوجھد جنھن سنڌ کي تيار ڪيو آ ايندڙ وقت لاء ۽ اسان پنھنجي ھاڻوڪي ۽ ايندڙ نسلن لاء ھڪ مثال قائم ڪيو آھي ته سنڌي ڪيئن اٿندا آھن ڳالھ جڏھن سنڌ جي بقا ۽ سنڌ جي وسيلن جي ھجي ھاڻ ھتي ھڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جي فتح ٿي اگر مجموئي طرح ڏسجي ته ھا سنڌ جي فتح ٿئي پر ڪيئن سنڌ متحد رھي, پر امن رھي , سنڌ عدم تشدد جي گس کي نه ڇڏيو ۽ سنڌ شيعه ,سني , ھندو ,مسلم جي فرق کي ڇڏي ھڪ قوم ٿئي بيھي رھي ۽ سامراجي طاقتن کي ايھو پيغام ڏئي ڇڏيو ته سنڌ اڄ به سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي ڏسيل رستي عدم تشدد ذريعي پنھنجا حق حاصل ڪري سگھي ٿئي۔ ۽ ان سان گڏ ايھو به واضع ٿئي ويو سنڌ ڪنھن پير,مير يا پيپلزپاٽي جي کيسي ۾ نه پئي آ ۽ سنڌي قوم کي پنھنجي مسئلن جي به ڄاڻ آھي ته پنھنجي مجرمن جي به خبر اٿن جيڪي پنجاب ۽ بوٽن وارن سان گڏجي ھن قوم سان ڪھڙيون ڪھڙيو ويساھ گھاتيون ڪندا رھن ٿا ۽ سنڌ ايھو به ڄاڻي چڪي ته پنجاب ۽ لوڪل دلال گڏجي بندوق جي زور تي سنڌ جا وسيلا, سنڌ جو پاڻي ۽ سنڌ جون زمينون وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا ۽ سنڌي قوم سدائين مزاحمت ڪندي رھندي ۽ پنھنجي حقن جي حاصلات لاء جاکوڙ ڪندي رھندي ۔
توڙي جو ڪئنالن وارو نوٽيفيڪشن ۾ واضع زبان استعمال نه ٿيل آ ۽ ان نوٽيفيڪشن اندر ٺڳي جو عنصر موجود آھي مٿان وري اڻ سڌا يا غير واضع بيان ڏنا پيا وڃن جيئن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ڪئنالن جو معاملو فلحال ته رد ٿئي ويو آھي۔ ھوڏانھن مسلم ن ليگ جي اڳواڻ ۽ دفائي وزير خواجه آصف ھڪ نجي ٽي وي چئنل جي ھڪ ٽاڪ شو ۾ چيو ته سي سي آء جي اجلاس ۾ ايھو طئي ٿيو ته ڪئنالن واري مسئلي کي ڪڏھن بعد ۾ ڏٺو ويندو
ان سڄي منظرنامي مان ايئن ٿو لڳي ته جيئن ڪالا باغ ڊيم جيان ھي ڪئنالن واري تلوار به سنڌ جي مٿان لٽڪيل رھندي ۽ ممڪن آھي ته ڪجھ وقت کانپوء ٻيھر چپ چپات ۾ ھن پروهيڪٽ کي شروع ڪيو وڃي پر ان سان به ھو رڳو عوامي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي پاڻ ڏانھن دعوت ڏيندا ۽ ماڻھن ۾ ان ڳالھ کي واضع ڪري ڇڏيندا ته وفاق پنجاب جو ٻيو نالو آھي جيڪو ڪجھ طاقتن جي ڳٺ جوڙ سان ننڍن صوبن جي حقن تي قابض آھي۔ پر ھاڻ سنڌي قوم تيار ٿئي چڪي آ ۽ ھن قوم کي تيار ڪرڻ واري ھيء تحريڪ آ جنھن سنڌن کي ايھو سمجھائي ڇڏيو ته اگر پنجاب وٽ درياھ بند ڪرڻ جو اختيار آھي ته وري اسان وٽ پنھنجي سمنڊ ۽ ڪراچي ٽو
ڪشمور 500 ميلن وارو روڊ آھي جيڪو بند ڪرڻ ھنن جي نڙي تي لت رکڻ برابر آ جنھن ذريعي سنڌين ھڪ چٽو پيغام ڏنو ته توھان اگر اسانجو پاڻي بند ڪندو ته اسان توھانجي رسد بند ڪري ڇڏينداسين نه صرف ايترو پر ھن تحريڪ سنڌ اندر ماڻھن مان سياسي مايوسي ختم ڪرڻ جو ڪم ڪيو ۽ ھن تحريڪ ايھو به ٻڌايو ته سنڌين جو عالمي سطح جو ڌرڻو ايڏو ته پر امن ھيو جو 12 ڏينھن تائين ڪنھن کي ھڪ ٿڦ به نه لڳي نه ڪنھن گاڏي جو ڪو شيشو ٽٽو ۽ نه ئي ڪنھن مٿان پٿر وسايا ويا ان سان گڏو گڏ سنڌ اندر نوان سياسي ليڊر نروار ڪيا ۽ سنڌ جي نئين ٽھي کي ڄڻ سبق مليو ته سنڌي سياسي طور ڪيترا منظم آھن ۽ وطن جي واھر لاء ھر سياسي سماجي فرق کي مٽائي ھڪ قوم ٿئي ڪري ھڪ ٻئي سان گڏ بيھڻ ڄاڻن ٿا۔