ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ، فلسطيني ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ۽ اسرائيلي ظلم خلاف الذوالفقار خدمت فائونڊيشن، ينگ خاصخيلي اتحاد ٽنڊوآدم، وائس چيئرمين يونين ڪائونسل ڳجهڙو، انور سومرو سولر انرجي ۽ پاڪستان انسان دوست ويلفيئر ايسوسيئيشن سميت ٽنڊوآدم جي ساڃاه وندن طرفان محمد يامين خاصخيلي، ذوالفقار علي ساند، امتياز خاصخيلي، اعجاز خاصخيلي، حاجي انور سومرو ۽ جاويد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ فلسطين جي جهنڊن سان گڏ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي اسرائيل مرده باد، فلسطين زندہ باد، سنڌ جو پاڻي سنڌ لاءِ، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، اسرائيل جا ظلم نامنظور، سنڌو تي ڌاڙا بند ڪريو جهڙا نعرا لکيل ھئا. ريلي کي خطاب ڪندي المصطفي ايجوڪيشنل ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر علامہ ظهير عباس قمي، جماعت اسلامي جي عبدالغفور انصاري، سنڌي ادبي سنگت جي اخلاق ورياه، گل حسن لاکو، ساگر ڏهراج، جسقم جي الهداد مري، آل پاڪستان ڪڇي اتحاد جي ڊاڪٽر امرشي ڪڇي، سينيئر صحافي رياض حسين سنجراڻي، ايس يو پي جي سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، اين پي سي آء ايڇ اي جي صوبائي نائب صدر مظہر چانڊيو، قومي راڳي فهيم خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته اڄ اسين هتي صرف پنهنجي ڌرتي، پنهنجي پاڻي ۽ پنهنجي غيرت جي بچاء لاء گڏ ٿيا آهيون سنڌو درياهه جيڪو اسان جي ساهه، زراعت، روزگار ۽ وجود جو بنياد آهي، ان مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي. هنن چيو تہ سنڌ جو پاڻي ڪنهن جي ميراث نه آهي، اهو سنڌ جي ڌرتيءَ جو حق آهي. جيڪڏهن اسان اڄ خاموش ويٺاسين ته سڀاڻي اسان جي ٻچن لاءِ پاڻي جو ڦڙو به نه بچندو. هنن حڪومت کي خبردار ڪيو ته هي ڌاڙا بند ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ هنن جو احتجاج رڳو لفظي نه رهندو، پر عملي جدوجهد ۾ تبديل ٿيندو. ان موقعي تي هنن فلسطين جي مظلوم مسلمان ڀائرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو تہ اسرائيل جيڪو ظلمن، بربريت، بمباري، ۽ معصوم ٻارڙن جي رت سان هٿ رنگي رهيو آهي، ان خلاف اسان جو آواز مظلومن جي حمايت ۽ انسانيت جي حفاظت آهي. هنن چيو تہ فلسطين سان يڪجهتي انسانيت جي حمايت آهي. هنن چيو تہ اسان پُرامن ماڻهو آهيون پر پنهنجي حقن لاءِ آخري حد تائين وڃڻ جي سگهه رکون ٿا. آخر ۾ فلسطين جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ امن جي بحالي لاءِ دعائون گھريون ويون.
0 تبصرے