English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف ملير ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا
225 views
|
22nd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
لنڪ روڊ تي ملير بار جي وڪيلن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ايڪسپورٽ پروسسينگ زون جي چوڪ تي پورهيتن ڌرڻا هنيا
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي مختلف علائقن ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا، لنڪ روڊ تي ملير بار جي وڪيلن ۽ مختلف سياسي تنظيمن ايڪسپورٽ پروسسينگ زون جي چوڪ تي پورهيتن طرفان روڊ بند ڌرڻن ۾ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت لاء پهچي ويا، پورٽ قاسم سميت مختلف انڊسٽريل زون ڏانهن ويندڙ خام مال سان ڀريل گاڏيون بهيجي ويون رينجرز ۽ پوليس جا وڏا اٽالا پهتل سخت گرمي ۾ ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نا منظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا سڄي سنڌ جا روڊ بند آھن سنڌي جي غضب کان ڀچڻ چاھيو ٿا ته ڪئنال ٺاھڻ واري هوڏ تان لھو حڪمران فوري طور سنڌو مان ڪنئالن ڪڍڻ واري رٿا ختم ڪن يا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار رهن اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب ملير جي مختلف علائقن لنڪ روڊ ۽ پروسسينگ زون جي چوڪ تي وڪيلن ۽ پورهيتن ڌار ڌار ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ڌرڻن ۾ مختلف سياسي تنظيمن عوامي تحريڪ ايس يو پي جيئي سنڌ محاذ عوامي جمهوري پارٽي سميت ڀرپاسي جي علائقن جي رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي پروسسينگ زون اڳيان ڌرڻو اعجاز ڪلھوڙو عامر ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنيو ويو جڏهن تي لنڪ روڊ تي ملير بار جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊو ايڊوڪيٽ سڪندر شر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب پورٽ قاسم سميت مختلف انڊسٽريل زون ڏانهن ويندڙ خام مال سان ڀريل گاڏيون بهيجي ويون جڏهن ته سخت گرمي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن طرفان ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نا منظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائندي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ جا روڊ بند آھن سنڌي جي غضب کان ڀچڻ چاھيو ٿا ته ڪئنال ٺاھڻ واري هوڏ تان لھو حڪمران فوري طور سنڌو مان ڪنئالن ڪڍڻ واري رٿا ختم ڪن يق نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار رهن هنن چيو ته عورتن کان وٺي ٻارن مزدورن کان هارين تائين سنڌ هر شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهون قومي روپ ۾ دريا کي بچائڻ لاء سر تري تي رکي نڪري پيا آھن حڪومت ۾ ويٺل مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي عوامي اڳيان وائکيون ٿي پيون آھن هن سموري بحران مان نڪرڻجو هڪڙو ئي حل آھي ته سنڌو دريا مان ڪئنالن ڪڍڻ جو منصوبو ختم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال
0 تبصرے