English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف ملير ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا
views
|
22nd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
لنڪ روڊ تي ملير بار جي وڪيلن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ايڪسپورٽ پروسسينگ زون جي چوڪ تي پورهيتن ڌرڻا هنيا
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي مختلف علائقن ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا، لنڪ روڊ تي ملير بار جي وڪيلن ۽ مختلف سياسي تنظيمن ايڪسپورٽ پروسسينگ زون جي چوڪ تي پورهيتن طرفان روڊ بند ڌرڻن ۾ ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت لاء پهچي ويا، پورٽ قاسم سميت مختلف انڊسٽريل زون ڏانهن ويندڙ خام مال سان ڀريل گاڏيون بهيجي ويون رينجرز ۽ پوليس جا وڏا اٽالا پهتل سخت گرمي ۾ ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نا منظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا سڄي سنڌ جا روڊ بند آھن سنڌي جي غضب کان ڀچڻ چاھيو ٿا ته ڪئنال ٺاھڻ واري هوڏ تان لھو حڪمران فوري طور سنڌو مان ڪنئالن ڪڍڻ واري رٿا ختم ڪن يا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار رهن اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب ملير جي مختلف علائقن لنڪ روڊ ۽ پروسسينگ زون جي چوڪ تي وڪيلن ۽ پورهيتن ڌار ڌار ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ڌرڻن ۾ مختلف سياسي تنظيمن عوامي تحريڪ ايس يو پي جيئي سنڌ محاذ عوامي جمهوري پارٽي سميت ڀرپاسي جي علائقن جي رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي پروسسينگ زون اڳيان ڌرڻو اعجاز ڪلھوڙو عامر ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنيو ويو جڏهن تي لنڪ روڊ تي ملير بار جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊو ايڊوڪيٽ سڪندر شر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب پورٽ قاسم سميت مختلف انڊسٽريل زون ڏانهن ويندڙ خام مال سان ڀريل گاڏيون بهيجي ويون جڏهن ته سخت گرمي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن طرفان ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو تي ڌاڙو نا منظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائندي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ جا روڊ بند آھن سنڌي جي غضب کان ڀچڻ چاھيو ٿا ته ڪئنال ٺاھڻ واري هوڏ تان لھو حڪمران فوري طور سنڌو مان ڪنئالن ڪڍڻ واري رٿا ختم ڪن يق نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار رهن هنن چيو ته عورتن کان وٺي ٻارن مزدورن کان هارين تائين سنڌ هر شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهون قومي روپ ۾ دريا کي بچائڻ لاء سر تري تي رکي نڪري پيا آھن حڪومت ۾ ويٺل مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي عوامي اڳيان وائکيون ٿي پيون آھن هن سموري بحران مان نڪرڻجو هڪڙو ئي حل آھي ته سنڌو دريا مان ڪئنالن ڪڍڻ جو منصوبو ختم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال
0 تبصرے