سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺن: اياز لطيف پليجو

جيستائين ڪئنال رد نه ٿيندا، احتجاج جاري رھندو، سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ جو مطلب پاڪستان کي ڀت سان لڳائڻ آھي

سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺن: اياز لطيف پليجو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)6 ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ٻڪڙا پڙي کان پريس ڪلب عمر ڪوٽ تائين پيادل مارچ ڪيو ويو پيادل مارچ جڏهن پريس ڪلب عمر ڪوٽ پھتو تہ جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو ڪيو ويو، عمرڪوٽ پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو شھرين ۽ واپارين گلن جي ورکا ۽ اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو.ان موقعي تي جلسي عام ۾ شريڪ ھزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺن. پيپلز پارٽي وفاق سان معاھدو ڪيو آھي تہ سنڌ خاموش رھندي، اڄ ڏھاڙي وارا وڪيل ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن، لکين سنڌي ماڻهو ۽ قومي ڪارڪن روڊن تي روزانو احتجاج ڪن ٿا ۽ جاگيردار، وڏيرا، سردار، مرشد، ھزارين ايڪڙن جا مالڪ زميندار لڪا ويٺا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين ڪئنال رد نہ ٿيندا، احتجاج جاري رھندو. سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ جو مطلب پاڪستان کي ديوار سان لڳائڻ آھي. حڪمران ملڪ خلاف سازشون بند ڪن. جيڪي چوندا ھئا انھن وٽ مينڊيٽ ناھي، اھي اچي ڏسن تہ سنڌ جو مينڊيٽ ڪنھن وٽ آھي، اوھان جو اسيمبلون بوگس آھن، اوھان جو مينڊيٽ بوگس آھي عوام اوھان کي رد ڪري ڇڏيو آھي. شھباز شريف، آصف زرداري ھاڻ سنڌ جي رستن تي اچي سنڌي عوام جو مينڊيٽ ڏسن سنڌ جي ھر رستي ۽ ھر شاهراھ تي، ھاڻي قومي ڪارڪنن جو راڄ آھي چوندا آهن، توهان جو نالو تہ وٽي تي بہ ناهي هي ڏسو تہ اصل مئنڊيٽ ڪنهن وٽ آهي؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻهو ڄٽ نہ آهن، سڀ سمجهن ٿا، ٻين صوبن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل آهيون، ماءُ جي کير وطن سان محبت جي سُتي ڏني آهي، اسان جا فنڪار، خواجا سرا ۽ ٻار بہ دشمن لاءِ وڏي للڪار بڻجي ويا آهن. اڃا تہ ٽريلر آهي، فلم اڃا پوئتي آهي، اڀي تو پارٽي شروع هوئي هي. اياز لطيف پليجي کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي شديد کوٽ جي ڪري سڄي سنڌ سڪي رھي آھي. ڪوبہ پڇڻ وارو ناھين واپڊا چيئرمين ٻڌائي چڪو آھي تہ 6 ڪئنالن جي منظوري پيپلز پارٽي ڏني آھين سنڌ ۾ زراعت، تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جو درياھ ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. چولستان ۽ ٻيا 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بنجر ٿي ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران نٿا سمجھن تہ ھي وقت صوبن کي جوڙڻ جو آھي، ويڇا وجھڻ ۽ ٽوڙڻ جو ناھي. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جي شڪايت نٿا ٻڌن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان چونڊيل سڀني پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آھي. اھي پنھنجو احتساب ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪمرانن کان پڇي رھيو آھي تہ اسان کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ڇو پيو ڪيو وڃي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. سمنڊ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. سنڌ کي بنجر بنايو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب سان ڀريل ادارا ثابت ٿيا آھن. وفاقي ۽ صوبائي حڪمران سنڌ جي عوام. جو استحصال بند ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ھر قيمت تي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندو. بندرگاھ، گئس ۽ پئٽرول ڏيندڙ سنڌ کان پاڻي نه کسيو وڃي. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ آصف زرداري ٻڌائي تہ توکي ڪيترا پئسا گھرجن تہ جيئن سڄي سنڌ جا ماڻھو چندو ڪري پئسا ڏين. آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ جي قيمت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلن جي صورت ۾ ڏنا آھن. جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو ائين چولستان سميت 6 ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. شھباز شريف ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کان لاتعلق آھن. پيپلز پارٽي کي اقتدار تي مسلط ڪندڙ طاقتون سنڌ سان گڏ پاڪستان کي بہ ديوار سان لڳائي رھيون آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي.ايازلطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ ۾ پاڻي ناھي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ چشما جھلم ۽ تونسا ڪئنال ٺاھيا ويا. وري پ پ حڪومت ٿل ڪئنال ٺاھيو. انھن ڌاڙيل ڪئنالن ذريعي سنڌ جو 12 مھينا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. ھاڻ وري آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ درياھ جي قيمت ڏني آھي. 6 ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ جو رخ چولستان ڏانھن ڪيو پيو وڃي. اھي ڪئنال ٺھي ويا تہ پاڻ سڀ پاڻي ڦڙي لاء سڪي وينداسين. فصل ڪو نہ ٿيندا. باغ ختم ٿي ويندا. پيئڻ لاءِ تہ ٺھيو غسل جيترو پاڻي بہ ڪون ملندو. ھن چيو تہ گرين پاڪستان جو مطلب بنجر سنڌ آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبو آھي. سنڌ جي زمينن جا سودا ڪيا پيا وڃن. 18 سالن ۾ زرداري جي حڪومت آھستي آھستي سنڌ جا سمورا وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. بدلي ۾ ڪرپشن ۽ اقتدار کي تحفظ ڏئي سنڌ جي دولت لٽي آھي. سنڌ ۾ سڀ کان وڏو زميندار آصف زرداري آھي. سڀ کان وڏي دولت بہ آصف زرداري وٽ آھي. سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي. حڪمران درياھ کپائي رھيا آھن ۽ اقتدار خريد ڪري رھيا آھن. سنڌ جا ماڻھو ھرگز پنھنجو درياھ کپائڻ نہ ڏيندا ۽ ھر قيمت تي درياھ جو تحفظ ڪندا. اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏيو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبو قاتل منصوبا آھن. سنڌ شمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي حڪومت کي سنڌ سان ڪو بہ پيار ناھي ۽ نہ ئي شھيدن سان پيار آھي. ھن کي اقتدار ۽ پئسي سان پيار آھي. ان لاء ھو درياھ وڪڻي رھيو آھي. سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش کي روڪيو. اسان کي تباھي ۽ بربادي جا منصوبا قبول ناھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي نواز ليگ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گرين پاڪستان جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين کي ڏئي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿيون. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ لاڙ جي ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. جيستائين ھڪ بہ سنڌي زنده آھي تيستائين پنهنجي سنڌو درياھ ۽ زمينن تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينديون. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي پنهنجي 18 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي مصيبتن کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت گڏجي سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھيا آھن. 6 ڪئنال ڪڍي ھميشه لاء سنڌو درياھ کي بند ڪيو ويندو. شھباز شريف ڪا نئين يونيورسٽي ڇو نٿو سنڌ ۾ ٺاھي. ڪا نئين اسپتال، ڪو صنعتي زون ڇو نٿو سنڌ ۾ قائم ڪري جنھن جو سنڌ کي فائدو ٿئي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ڪئنالن ۽ زمينن تي قبضن لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ حملو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سان دوکا ڪيا پيا وڃن. جعلي اليڪشن ڪري ھر ڀيري ڪرپٽ ماڻھو ۽ سوديبازي ماڻھو اقتدار ۾ آندا وڃن ٿا. آصف زرداري اقتدار جي قيمت طور سنڌو درياھ ڏئي 6 ڪئنال ٺاھي سنڌ کي ڀڙڀانگ پيو بنائي. سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ دشمن ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. 10 سالن کانپوءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي سنڌيو پنھنجي ايندڙ مستقبل جا سوال آھي. جيڪڏھن درياھ ھليو ويو تہ تاريخ ۾ مجرم بنجي وينداسين. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جا سڀ وسيلا لٽي رھي آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳيھي رھيو آھي. سنڌو درياھ ھزارين سالن کان اسان جي جياپي جو ذريعو آھي. حڪمران اسان کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. تڙپائي تڙپائي مارڻ چاھين ٿا. اسين مرڻ بدران سنڌ دشمن ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين.