ملير: ڪچري جي ڍير تان بيگ مان مليل لاش واري ڪيس ۾ اڳڀرائي، عورت سميت 2 ڄڻا گرفتار

ناري عليزه عرف ڪنول بتول ۽ سندس دوست مولا بخش گرفتار، جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي: پوليس

ملير: ڪچري جي ڍير تان بيگ مان مليل لاش واري ڪيس ۾ اڳڀرائي، عورت سميت 2 ڄڻا گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي شاھ لطيف ۾ ڪچري جي ڍير مان بيگ مان لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، عورت سميت 2 ڄڻا ڱرفتار، ذاتي رنجش واري معاملي سبب عورت پنهنجي دوست سان گڏجي مقتول کي گهر گهرائي مٿي تي هٿوڙي جا وار ڪري قتل ڪيو ۽ لاش بيگ ۾ وجهي ڪچري جي ڊير ۾ اڇلايو، جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي پوليس تفصيل موجب ملير جي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد مان ڪجھ ڏينھن اڳ ڪچري جي ڍير ۾ بيگ مان آصف علي جو لاش هٿ آيو هو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو ۽ جاچ بعد ڪاروائي ڪندي گذريل ڏينهن عورت عليزه عرف ڪنول بتول ۽ مولا بخش کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته مقتول آصف علي جوابدار عليزه جو ويجهو دوست هو جنهن کي ڄاڻايل عورت پنهنجي دوست مولا بخش سان گڏجي مارڻ جي سٽ سٽي ٻنهي جوبدارن مقتول آصف کي پنهنجي گهر گهرائي مٿي تي هٿوڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد لاش کي بيگ ۾ وجهي اونداهي رات ۾ ڪچري جي ڍير ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا ۽ جاچ دوران جوابدارن قتل جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته مقتول سان زاتي معاملي تي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي جنهن سبب اهو قدم کنيو هوڏانهن پوليس موقعي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ تيز لوهي آلي سميت ٻيون شيون هٿ ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي