ڪالاباغ ڊيم هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن پاڻ ملهايو آهي: اڳواڻ
ڏوڪري )اطهر ميمڻ) ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل وڏي وهڻي ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽس جو افتتاحي اڳوڻي ايم پي اي حزب ﷲ خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ علي گوهر خان ٻگهيو، پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو، پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر بئريسٽر غلام مرتضي خان ٻگهيو، طاهر خان ٻگهيو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، يوسي چيئرمين محمد علي راڄپر ۽ ٻين ڪيو. يونين ڪائونسل وڏي وهڻي جي سمورن ڳوٺن جي گهٽين کي روشن ڪرڻ لاءِ سولر لائٽيون لڳائڻ جي حوالي سان افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي آهي افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻي ايم پي اي حزب ﷲ خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ علي گوهر خان ٻگهيو، پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو، ضلعي ڪائونسل ميمبر بئريسٽر غلام مرتضي خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ طاهر خان ٻگهيو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، يوسي چيئرمين محمد علي راڄپر، پ پ تعلقي انفارمیشن سيڪريٽري يوسي ڪاراڻي چيئرمين ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، شوڪت علي سومرو، يوسي چيئرمين بشير احمد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي حزب ﷲ خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ علي گوهر خان ٻگهيو، ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو، ضلعي ڪائونسل ميمبر بئريسٽر غلام مرتضي خان ٻگهيو، پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي، يوسي وڏي وهڻي چيئرمين محمد علي راڄپر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سان بي انتها محبت ڪري ٿو. هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هيمشہ حق سچ جي جدوجهد ڪندي رهي آهي، ڪالاباغ ڊيم هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن پاڻ ملهايو آهي. هنن چيو ته هاڻي به پيپلزپارٽي تڪراري ڪئنال خلاف ڀرپور جدوجھد ڪري رهي آهي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان نوان ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته ڪجھ عناصر پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ڇهن ڪئنال خلاف جدوجهد ڪرڻ بدران پيپلزپارٽي خلاف ڳالهائي رهيا آهن سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي هي قيادت خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائيندو هنن چيو ته ماضي ۾ به پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف سازشون ٿينديون رهيون هيون هاڻي به پيپلزپارٽي خلاف سازش ٿي رهي آهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي مخالفن کي شڪست کان سواءِ ڪجھ به نه ملندو. هنن چيو ته پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ ختم ٿي ويندا.
0 تبصرے