هفتيوار دستوري گڏجاڻي شاعر مجيب سنڌي جي صدارت ۾ ٿي
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن صورت قبول نه ڪيو ويندو سنڌو دريا سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب جو امين آھي 13اپريل تي ملير ۾ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي سر هيٺ مشاعري ڪيو ويندو اهڙن خيالن جو اظھار سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڪونسلر سڪندر سرواڻ شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ناليوار شاعر مجيب سنڌي جي صدارت هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ ٿي گذري اجلاس جي ڪاروائي سيڪريٽري اصغر مھرائي هلائي گڏجاڻي ۾ شاعرن غفور شاھ تقوي سڪندر سرواڻ حنيف گلڙي مجيب سنڌي نياز شاھ اڪبر ڪلمتي عنايت شاھ شرڪت ڪئي ان موقعي تي شاعرن بغير تنقيد جي اسم پيش ڪيا جنهن بعد ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس شاخ جي ڪونسلر سڪندر سرواڻ جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ متفق راء سان فيصلو ڪيو ويو ته 13اپريل تي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي سر هيٺ مشاعري ڪيو ويندو ان موقعي تي سڪندر سرواڻ مجيب سنڌي اصغر مھرائي سيد غفور شاھ تقوي جو چوڻ هو ته سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌو صرف دريا ناهي بلڪي اسان جو جياپو ۽ اسان جي هزارن سالن جي تهذيب جو امين آھي هنن چيو ته اڳ ئي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي سبب ڏڪار واري صورتحال آھي سامونڊي پٽي جا ماڻهون پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان آهن مٿان وري حڪمران 6نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آھن هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو دريا مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي ختم ڪري 6ڪروڙ سنڌين مان بيچني ختم ڪئي وڃي
0 تبصرے