مورو ۾ جي يو آءِ جو ڌرڻو، تڪراري ڪئنال منصوبو رد نه ٿيو ته سنڌ پنجاب دنگ بند ڪنداسين: راشد محمود سومرو

جي يو آءِ جي هزارين ڪارڪنن جو دادو مورو پل تي تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻو

مورو ۾ جي يو آءِ جو ڌرڻو، تڪراري ڪئنال منصوبو رد نه ٿيو ته سنڌ پنجاب دنگ بند ڪنداسين: راشد محمود سومرو

مورو (جاني جماڻي ) مورو م جميعت علماء اسلام پاران سنڌو درياء مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌو درياء وٽ دادو مورو پل تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ڪري مڪمل طور تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جمعيت علماء اسلام سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته سنڌو درياء سنڌ جو جياپو آهي جنهن تي ڪينال ٺاهي سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمينون سڪائڻ واري وفاق جي ناپاڪ سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين پنجاب پنهنجا درياء انڊيا وڪڻي ڏنا هاڻي سنڌو درياء تي اکيون وجهو ويٺو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌو درياء ڏانهن ميري اکيون کڻي ڏسندو ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين هن چيو ته جي يو آئي هميشه سنڌ سان نڀايو آهي سدائين سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪيس وڙهيو آهي سنڌ لاء آواز بلند ڪيو آهي لازوال جدوجهد ڪئي جنهن ڪري اسان جي وڏڙن کي شهيد ڪيو ويو اسان سنڌ خاطر هر قرباني ڏينداسين ڪڏهن به پوئتي نه هٽنداسين هي ڌرتي اسان جي آهي ڌرتي جي هر شي جي وسيلن دريائن جي حفاظت اسان ڪنداسين وفاق کي سنڌو درياء تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ ڪينالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو جي يو آئي ڪينالن جي خاتمي تائين آخري حد تائين ويندي پر پوئتي نه هٽندي سنڌو درياء تي ڪڏهن به ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين هن چيو ته وفاق سنڌ سان زيادتيون ڪرڻ بند ڪري هينئر سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ مزاحمت وارو رستو اختيار ٿي ويندو جنهن ڪري ملڪ کي نقصان پوندو وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ تان لهي وڃن سنڌو درياء مان 6 ڪينال نہ ڪڍڻ جو اعلان ڪن نه ته جي يو آئي سخت مزاحمت واري تحريڪ شروع ڪنداسين ان موقعي تي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ان کان اڳ جي يو آئي ضلع نوشهروفيروز جي امير مولانا عبدالرحمان ڏنڳراچ جي اڳواڻي مورو ٽول کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندي دادو مورو پل تي ڌرڻو لڳايو ۽ اڳواڻن تقريرون پڻ ڪيون