ملير( رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ليبر ڪالوني نئي آبادي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار ھلندڙ دي ڪنگسٽن ڪيمبرج اسڪول ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي ساليانو رزلٽ ڏيڻ واري ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير پي ايس 87 ايم پي محمود عالم ڄامو مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي دي ڪنگسٽن ڪيمبرج اسڪول جي ھيڊ مس زوھرہ ابراهيم کوکر آيل مهمانن جي آجيان ڪئي، تقريب ۾ اسڪولي شاگردن توڙي شاگردياڻين حمد و نعت کان بعد ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو آخر ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙن شاگردن توڙي شاگردياڻين کي، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ ۽ اسڪول ھيڊ زوھرہ ابراهيم کوکر انعام پڻ ڏنا،تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ چيو ته سنڌ حڪومت توڙي تعليم کاتو سنڌ ۾ تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاء انقلابي قدم کڻي پئي، ۽ استادن جي کوٽ ختم ٿيڻ تي آھي سوين نوان محنتي استاد ڀرتي ڪرائي چڪا آھيون جيڪي ٻارڙن کي تعليم ڏين پيا، اڄ جو ٻار مستقبل جو معمار آھي، تعليم کان سواء ڪوبه ملڪ توڙي قوم ترقي جي منزل نه ٿي ماڻي سگھي، ان موقعي تي پي اي جمشيد جميل، ڪوآرڊينيٽر مير احمد بروهي، صحافين ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
0 تبصرے