مرحوم جي جنازي نماز سندس وصيت موجب نامياري شيعه عالم علامه ڪوثر عباس جي امامت هيٺ ادا ڪئي وئي
ملير(رپورٽر)ڪراچي جو مشهور نوحه خوان افروز علي لاڙڪ وفات ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز سندس وصيت موجب نامياري شيعه عالم علامه ڪوثر عباس جي امامت هيٺ ادا ڪري کيس سوين آلين اکين سان لال شاھ قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي ليگل مظهر حسين علوي ايڊوڪيٽ سيد شبير شاهه لڪياري ايڊوڪيٽ نديم منگي ايڊوڪيٽ ساجد منگي پروفيسر رياض مھدي خاصخيلي درگاھ مھر شاھ مست جي گادي نشين سيد علي محمد شاھ سيد علي رضا شاھ لڪياري سيد انور علي شاھ لڪياري علامه و مولانا غلام علي چانڊيو انجمن مخدوم ڪونين جي سينئر نائب صدر ظفر اعواڻ حاڪم علي قمبراڻي قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ عابد حسين عباسي فنڪشنل ليگ اڳواڻ احمد مڱريو ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي اڳواڻ طارق سومرو سينئر صحافي عنايت قمبراڻي اڪبر چنا سميت ڪراچي جي مختلف علائقن مان آيل سندس سوين چاهيندڙن دوستن مائيٽن،ماتمي انجمنن سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي.مرحوم کي سوين آلين اکين سان لال شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. افروز علي لاڙڪ جو شمار ڪراچي جي بھترين نوحي خوانن ۾ ٿيندو ھو،جيڪو ڪجھه ڏينھن اڳ دل جي بيماري سبب ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ زير علاج ھو هن پنهنجي سوز ۽ سلام ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ خاص جاءِ ٺاهي هئي. سندس اوچتي لاڏاڻي تي نوحه خواني جي دنيا هڪ بھترين نوحي خوان کان محروم ٿي ويئي۔
0 تبصرے