English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ايس ٽي پي پاران اعجاز سامٽيو ۽ ٻين جي شموليت تي آجياڻي جي تقريب
views
|
07th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ترقي پسند پارٽي گڏاپ ٽائون طرفان اعجاز سامٽيو، عابد ڀيو، جمال مگسي کي ساٿين سميت پارٽي ۾ ٻيهر شموليت ڪرڻ تي گهگهر ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي تقريب ۾ ملير سميت ڪراچي جي مختلف علائقن مان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اعجاز سامٽيو خطاب ڪندي چيو ته مون سياست جي شروعات ايس ٽي پي کان ڪئي هئي هي منهنجي استاد پارٽي آئون سمجهان ٿو ته پنهنجي گهر موٽي آيو آهيان، هن چيو ته سنڌ هن وقت تمام ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي سنڌ جي زمينن تي تيزيءَ سان والار ڪري درياهه جو رخ موڙيو پيو وڃي، جنهن کي عوامي جدوجهد سان بچائي سگهجي ٿو، وقت جي حڪمرانن کي ماضيءَ مان سکڻ گهرجي جڏهن ڪالا باغ ڊيم جي رٿا پيش ڪئي وئي ته ان کي به سنڌي قوم منظم جدوجهد ذريعي ختم ڪري ڇڏيو هي ڪئنالن وارو منصوبو ته ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي تڏهن ته هن معاملي تي سموري سنڌ سجاڳ ٿي پئي آهي ۽ روزاني مختلف علائقن شهرن، ڳوٺن ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن، هن اعلان ڪيو ته 13 مارچ تي گهگهر لڳ ڪراچي ٺٽو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو هن ڪراچي جي سنڌي ماڻهن کي گذارش ڪئي ته ڌرڻي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن، جڏهن ته تقريب کي خير محمد مگسي، پير بخش بهلڪاڻي، اصغر سبزوئي ،راڻو خان زهراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
STP
0 تبصرے