روھڙي(رپورٽر) روھڙي ۾ نامعلوم شخص جو گوليون لڳل لاش هٿ، پوليس لاش کڻائي روھڙي تعلقا اسپتال پهچائي ڇڏيو، روھڙي جي علائقي ٽنڊو ٻوراھ ديوان پهلاج جي پلاٽ وٽ نامعلوم نوجوان شخص جو گوليون لڳل لاش ڏسي پاڙي جي ماڻهن پٽڻي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي روھڙي تعلقا اسپتال پهچايو آهي ان سلسلي ۾ پٽڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او شفيع محمد گولو جو چوڻ هو تہ ديوان پهلاج جو پلاٽ خالي پيل آهي جتان نامعلوم نوجوان شخص جو لاش مليو آهي پاڙي جي ماڻهن لاش جي سڃاڻپ ناهي ڪئي ۽ نہ واردات واري جڳھ تان اهڙي ڪا شئي ملي آهي جنهن سان لاش جي سڃاڻپ ٿي سگهي نوجوان جي مٿي ۽ ٻئي جسم ۾ گوليون لڳل آهن ۽ واقعي واري هنڌ تان ماڻهن جون شاهديون ورتيون پيون وڃن ۽ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل نوجوان جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن تہ جيئن لاش جي سڃاڻپ جلد کان جلد ٿي سگهي
0 تبصرے