سانگهڙ ۾ يوم القدس جي موقعي تي فلسطينين سان يڪجهتي ۽ سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي

شيعا علماء ڪائونسل ضلعي سانگهڙ پاران ريلي ڪڍي وئي، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا

سانگهڙ ۾ يوم القدس جي موقعي تي فلسطينين سان يڪجهتي ۽ سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي

سانگهڙ (حسنين عاشق ساند) شيعا علماء ڪائونسل ضلعي سانگهڙ پاران يوم القدس جي موقعي تي فلسطينين سان يڪجهتي ۽ سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف اڪبر حسين چغتائي جي اڳواڻي ۾ مرڪزي شيعه مسجد کان پريس ڪلب ٽنڊوآدم تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي علامہ معشوق علي نجفي، علامه محمد باقر چانڊيو، رئيس حبيب خان مري ۽ اڪبر حسين چغتائي سميت ٻين چيو ته يوم القدس مظلوم فلسطيني عوام جي حمايت ۽ قبلہ اول بيت المقدس جي آزادي لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جو ڏينهن آهي. هنن چيو ته عالم اسلام کي متحد ٿي فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي ته جيئن قبلہ اول کي يهودي قبضي کان آزاد ڪرايو وڃي. هنن چيو ته اسرائيل انسانيت سوز ظلم ڪندي فلسطينين جو قتل عام ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل قومن سميت عالم انسانيت جي ڀلائي لاء قائم ادارا خاموش تماشائي بڻجي فلسطينين جي لاشن تي تاڙيون وڃائي رهيا آهن. مقررن مطالبو ڪيو ته فلسطينين جو قتل عام روڪي اسرائيل جهڙي ظالم تي عالمي معاشي پابنديون لڳايون وڃن. ان موقعي تي مقررن سنڌو درياءَ تي واهن ٺاهڻ جي منصوبي تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهو عمل سنڌ جي هارين، آبادگارن، زراعت ۽ معيشت سميت سنڌ جي جياپي تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ان منصوبي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ فوري طور تي ان تڪراري رٿا کي ختم ڪري صوبن ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي فلسطينين سان يڪجهتي ۽ سنڌو درياءَ تي واهن ٺاهڻ خلاف نعرا درج هئا. آخر ۾ مقررين عزم ظاهر ڪيو ته شيعا علماء ڪائونسل مظلومن جي حق ۾ هميشه آواز اٿاريندي رهندي ۽ هر سطح تي انهن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.