English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو تڪراري ڪئنالن خلاف پيادل مارچ
293 views
|
25th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ڊگهڙي روڊ کان پيادل مارچ ڪري شهر جو گشت ڪرڻ بعد ٻڍو قمبراڻي پهتو، شاندار استقبال
ٻڍوقمبراڻي/ڊگھڙي (رپورٽرز وٽان)سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻڍوقمبراڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ڊگھڙي روڊ کان پيادل مارچ ڪري شھر جو گشت ڪرڻ بعد مين بس اسٽاپ وٽ جلسي عام ڪيو ويو. ٻڍو قمبراڻي پھچڻ تي شھرين اياز لطيف پليجي کي اجرڪون پرائي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو. مارچ ۾ ھزارين ماڻھو درياھ خاطر جھيڙو آ، سنڌو خاطر جھيڙو آ، ڪئنال نامنظور جي سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. پيادل مارچ ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري، نثار ڀرڳڙي، شوڪت نوحاڻي،ارباب نوحاڻي، الطاف ڀرڳڙي، بابو نوحاڻي ۽ ٻيا شامل ھئا. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ رئيس وڏا غلطي پيا ڪيو، تہ ٻيڙي بہ جهان خان ٻوڙيندو ۽ انصاف بہ جهان خان ڪندو. وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي ووٽن سان بيٺي آهي، وري ڪئنالن جي خلاف احتجاج بہ اهي ٿا ڪن، پيپلزپارٽي ٻيڙو ٻوڙڻ کانپوءِ جهان خان ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ جي ذرو بہ عقل اٿو، تہ سنڌين جي اکين ۾ بي انتھا ڪاوڙ کي ڏسي وٺو، سنڌين جي نعرن ۾ مزاحمت جي گجگوڙ کي سمجھي وٺو. ھي سنڌ جو شعور اوھانکي پاڻيء تي ڌاڙو ڪون ھڻڻ ڏيندو ۽ ھي اھو سنڌ جو شعور آھي جيڪو اوھان سان مزاحمت ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ مان جيڪي صفا ڀوڪ بصر ۽ عقل کان پيدل آھن، سي ڀلي خوش ٿي جھمريون ھڻن ۽ ٽپا ڏين. لڳايو. سنڌ جي گھٽي گھٽي ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي اوھان جي جبر جي خلاف ائين اٿاري بيھارينداسين، جو اوھان تہ ڇا اوھان جا ايندڙ نسل بہ ياد رکندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ جي ڪري سڄي سنڌ سڪي رھي آھي. واپڊا چيئرمين ٻڌائي چڪو آھي تہ 6 ڪئنالن جي منظوري پيپلز پارٽي ڏني آھي. سنڌ ۾ زراعت، تعليم، صحت ۽ گورننس نالي ڪا شئي ناھي. آصف زرداري سنڌ جو درياھ ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ ھوش وڃائي ويٺا آھن. جمھوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت آھي. سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ ۽ وسيلا کپائي رھيو آھي. درياھ ھليو ويو تہ 30 سالن کانپوءِ سنڌ سوماليا ۽ ايٿوپيا بنجي ويندي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. چولستان ڪئنال ناھي، سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آھي.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڪئنالن خلاف احتجاجن کي نظرانداز ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ڪنھن بہ ريت سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏينداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي طاقتون پاڪستان کي پنھنجي مفادن جو اڏو بنائي رھيون آھن. ھي وقت صوبن کي جوڙڻ جو آھي، ٽڪراءَ ۽ سنڌو درياھ تي ڌاڙا ملڪ کي ڪمزور ڪندا. نقصان ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ وزيراعظم شھباز شريف ٻڌائي ته سنڌ توھان جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي. سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سڀ کان پھرين سنڌ پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪئي ھئي. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني ۽ مال غنيمت نہ بنايو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان کي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آھي پر حڪمرانن جون پاليسيون ملڪ دشمن آھن. ڪي پي ڪي ناراض، بلوچستان ناراض ھاڻ سنڌ جا ماڻھو رستن تي آھن. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ اھي آخر ڇا ٿا ڪرڻ چاھين. ڇو ملڪ سان کيڏيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ فاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جي شڪايت نٿا ٻڌن. سنڌ حڪمرانن کان پڇي رھيو آھي تہ اسان کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ڇو پيو ڪيو وڃي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. سمنڊ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. سنڌ کي بنجر بنايو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز گم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ 26ھين آئيني ترميم عدليه جي خودمختياري راتاھو آھي ۽ پيڪا آرڊيننس ڪارو قانون آھي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب پرست ادارا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ھر قيمت تي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندو. بندرگاھ، گئس ۽ پئٽرول ڏيندڙ سنڌ کي ڪرپشن، غربت، بدحالي، منشيات، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي جھيڙا ڏنا ويا آھن. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي نون ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا. حڪمران ذاتي مفادن جي لاءِ پاڪستان جي وفاق ۽ مستقبل سان کيڏي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ صدر آصف زرداري ٻڌائي تہ ڪيترا پئسا گھرجن ته جيئن سڄي سنڌ جا ماڻھو چندو ڪري توهان کي پئسا ڏين. آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ جي قيمت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلن جي صورت ۾ ڏئي رھيو آھي. عوام کي گمراھ ڪرڻ ۽ بيوقوف بنائڻ لاءِ چيو پيو وڃي تہ پنجاب پنھنجي پاڻي جي حصي مان ڪئنال پيو ٺاھي. اھو سراسر ڪوڙ آھي. ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي ضرورت جيترو پاڻي ناھي. ڇا ٻين آباد علائقن کي غير آباد ڪري چولستان ڪئنال ٺاھيو ويندو. چولستان ڪئنال لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو ويندو. سنڌ ۾ ھن وقت بہ لکين ايڪڙ زمين پاڻي کوٽ جي ڪري غير آباد آھي. ان ڪري جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو ائين چولستان سميت 6 ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي کي اقتدار تي مسلط ڪندڙ طاقتون سنڌ سان گڏ پاڪستان کي بہ ديوار سان لڳائي رھيون آھن. گرين پاڪستان سنڌ کي سڪائڻ جو منصوبو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٻڍوقمبراڻي/
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے