چولستان ڪئنال اسان جي لاشن تي ٺهندو، اچو بلاول جي طاقت بڻجو: نثار احمد کهڙو

ٺٽي ۾ پ پ جي سڏ تي دولهه دريا خان پل وٽ تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻو هنيو ويو، وڏي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ

چولستان ڪئنال اسان جي لاشن تي ٺهندو، اچو بلاول جي طاقت بڻجو: نثار احمد کهڙو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)پيپلز پارٽي سنڌ جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته چولستان ڪينال اسان جي لاشن تي ٺهيندو، اچو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي طاقت کي وڌايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچايون، اڄ جو ڌرڻو آخري نه پر ھيءِ شروعات آهي، اڄ اسين ٺٽي کان 6 تڪراري ڪينالن جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ پڻ ٺٽي کان ئي شروع ٿي هئي ۽ اڄ ڪينالن خلاف تحريڪ به ٺٽي کان ئي شروع ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌو دريا تي تعمير ٿيندڙ تڪراري ڪينالن خلاف دولهه دريا خان پُل تي احتجاجي ڌرڻي جي قيادت دوران خطاب ڪندي ڪيو. ھُن چيو تہ جيئن پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊيم منصوبو بند ڪرايو ايئن ئي ڪينالن جو منصوبو به بند ڪرائينداسين. هُن چيو ته جڏهن ٻن صوبن ۾ ڪينالن جي معاملي تي تڪرار آهي ته پوءِ ٻن سالن کان سي سي آءِ جو اجلاس ڇو نه گهرايو ويو آهي؟ جيڪڏهن منظوري کان سواءِ ڪو به غير آئيني طور تي ڪينال ٺاهڻ چاهي ٿو ته اسان ان جي اجازت نه ڏينداسين، پيپلز پارٽي جي قيادت جو واضح موقف آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪينال يا ڊيم سنڌ جي رضامندي کان سواءِ قابل قبول ناهي، ڪينالن جو منصوبو رد ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رھندي. نثار کهوڙو چيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ ڪينالن خلاف سراپا احتجاج آهي، سنڌو دريا ۾ واري اڏامي رهي آهي، اڄ اسان دولھ دريا خان پُل تي اکين کان انڌن ماڻھن کي ڏيکارڻ آيا آهيون جيڪي چون ٿا ته پاڻي ضايع ٿئي ٿو، اسان سنڌ بچائڻ آيا آهيون، پيپلز پارٽي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهندي هر فورم تي احتجاج ڪندي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاق تي دٻاءُ وڌايون ۽ هن مسئلي کي ختم ڪرايون، اسان پنهنجي ڪارڪنن ۽ ماڻهن جو آواز هر هنڌ، هر ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڏيکارينداسين، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻين صوبن سميت ڪمون شھيد بہ وينداسين. هن چيو ته گڏيل اسيمبلي اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ھو تہ وفاقي حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو پاڪستان کي ٽوڙي ڇڏيندو. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڪينالن خلاف آواز اٿاريو ويو آهي ۽ بلوچستان سميت ٻين هنڌن تي به آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائڻ جي منصوبي تي ضرورت محسوس ڪئي آھي، انھن ماڻھن کي سياسي پارٽين جي خلاف ٿيڻ بدران انهن منصوبن جي خلاف ڳالهائڻ گهرجي، اسان انهن ماڻهن کي چئون ٿا تہ اچو ھن مسئلي تي گڏجي جدوجهد ڪريون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهوڙو چيو ته اسان ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿينداسين، جيڪڏهن اسيمبليون ٽُٽيون ته ڪھڙي خبر ڪهڙو نظام لاڳو ٿئي، جيڪڏهن حڪومت نہ رھي تہ اڳ بہ نگران حڪومت هئي، ٿي سگهي ٿو نگران کان وڌيڪ ڪو ٻيو اچي وڃي. احتجاجي مظاھري کي صوبائي وزير سيد رياض شاهه شيرازي، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم پي اي رخسانه شاهه، ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي، پيپلز يوٿ ونگ جي مرڪزي صدر جاويد ناياب لغاري، حيدرآباد ڊويزن جي صدر علي نواز شاهه رضوي، سيڪريٽري جنرل دوست علي جيسر، پي پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، امتياز قريشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. احتجاجي ڌرڻي ۾ ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي، پي پي پي اڳواڻ عاشق حسين زرداري، سيد محمود عالم شاهه بخاري، ارشد شاهه، ارباب وزير ميمڻ، ڄام احسان جوکيو سميت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي پي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.