جي يو آءِ پاران تڪراري ڪئنال شريعت خلاف هجڻ جي فتويٰ جاري

جي يو آءِ پاران تڪراري ڪئنال شريعت خلاف هجڻ جي فتويٰ جاري

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌوءَ مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ ء سنڌ اندر بدامني بلوچستان، ء ڪي پي ڪي مذھبي علماء ڪرام تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، انھي خلاف جمعيت علماءِ اسلام ضلعي عمرڪوٽ امير مولانا نور محمد قراني ، مولانا يعقوب نعماني، مفتي حماد الله ،غلام مجتبي پلي، مولا محمد يوسف سميجو، حافظ عمران، رسول بخش منگريو ء ٻئين، پريس ڪانفرنس ڪندي چيو . هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو دريا اسانجی جياپي جو واحد ذريعو آهي ان مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ دشمني آهي جيڪا سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندي سنڌوءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ جي سرسبز زمينن کي سڪائڻ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيا ويندا سنڌوءَ مٿان ڪو به ڪئنال ٺھڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته جي يو آءِ سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي ظلم خلاف آواز اٿاريو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لاقانونيت خلاف پڻ احتجاج ڪيو ويندو، ٿري ماروء ماڻهن جون زمينون ٿر جي ماڻهن جي مرضي خلاف گرين پاڪستان جي نالي تي غير ملڪي ڪمپنيءَ کي وڪرو ڪري ڏين ء ٿر جي ڪوئلي ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ھنن چيو ته رمضان جي ڀلاري مھيني م علماء ڪرام جو قتل عام ڪيو پيو وڃي سنڌو درياهه سنڌ جي عوام لاءِ ريڙ جي ھڏي طور معاشي ذريعو آهي جنهن مان غير قانوني ڪئنال ڪڊي سنڌ کي ھٿ سان سڪائيڻ سازش آهي جعميت علماء اسلام اھڙين غيرقانوني رٿائن رد ڪيون ٿا وقت جي حڪمرانن کي اپيل ٿا ڪيون ته ھوش کان ڪم وٺو ايئن نه ٿئي جو سجي سنڌ جي عوام سراپا احتجاج بڻجي وڃي پوءِ توهان کي لڪڻ جي گھٽي ڪون ملندي