English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: عبدالله ڳوٺ ۽ ڀرپاسي بجلي، پاڻي ۽ گئس جي بندش خلاف ڌرڻو
55 views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
رهواسين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) پاڻي، بجلي ۽ گئس جي بندش خلاف عبدالله ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي احتجاج ڪندا قومي شاهراه تي نڪري آيا، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، روڊ بند، ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، اٺن ڏينهن کان پاڻي، بجلي ۽ گئس بند آهي، انتهائي اذيت مان گذري رهيا آهيون، ابراهيم حيدري ٽائون جي اربين رپين جي بجيٽ هوندي بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، رهواسي تفصيل موجب عبداللہ ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ جن معصوم ٻارڙن جي اڪثريت هئي پاڻي، بجلي ۽ گئس جي بندش خلاف احتجاج ڪندا قومي شاهراهه تي نڪري آيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو، ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ته پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته گذريل اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ پاڻي، بجلي ۽ گئس اڻ لڀ آهي جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گهر ۾ رڌ پچاء به نٿو ڪري سگهجي جنهن سبب معصوم ٻارڙن بک تي اسڪول ۽ وڏن کي به بغير کاڌي پيتي جي ڊيوٽين تي وڃڻو ٿو پوي، پاڻي نه هجڻ سبب مسجدن ۾ نمازي به وضو ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، هنن چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون جي 4 ارب رپيا بجيٽ هوندي اسان انساني بنيادي سهولتن کان محروم آهيون هنن مطالبو ڪيو ته مسئلا حل ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
عبدالله ڳوٺ
0 تبصرے