ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي آمريڪا جي پرڏيهي سياح جوڙو زال مڙس موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،آمريڪي سياح زال مڙس جوڙو اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايرياز ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو.آمريڪا جي سياح جوڙي کي موهن جي دڙي بابت سنڌ ٽوئرزم جو مقامي مقرر گائيڊ ارشاد سولنگي قديم آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ سياح جوڙي کي اسٽوپا اڳيان سنڌي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.آمريڪي پرڏيهي سياح جوڙي جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو کي ڏسي ڪري تمام خوشي ٿي آھي هنن چيو ته هتان جا ماڻھو تمام محبتي ۽ وڏا قربائتي آھن.هنن چيو ته اسان جي خواهش ھئي ته پاڪستان وڃي ڪري اسان موهن جو دڙو ضرور ڏسي اچون.هنن چيو ته اهيا اسان جي خواهش پوري ٿي وئي آھي،جڏھن ته آمريڪا جي آيل سياح زال مڙس جوڙي کي پوليس سيڪيورٽي ڏني وئي هئي.
0 تبصرے