نوابشاھ: اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو دورو

بينظير پبلڪ اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو دورو ڪيو

نوابشاھ: اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين پاران شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو دورو

نوابشاھ: نوابشاھ ۾ نياڻين لا۽ قائم ڪيل بينظير پبلڪ اسڪول فار گرلس جي سوين شاگردياڻيون ۽ استادياڻيون اسٽڊي ٽوئر جي حوالي سان شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد پھتيون. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي جي خصوصي ھدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنس ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنس افيئرز جي ٽيم ميمبرن کين يونيورسٽي جي مختلف شعبن، اسپورٽس ڪامپليڪس، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب، ايف ايم ريڊيو وغيرھ جو وزٽ ڪرايو ويو۽ کانئن سائنس ليب ۾ ڪجھ تجربا بہ ڪرايا ويا. ان موقعي تي شاگردياڻين وائيس چانسلر سان بہ ملاقات ڪئي. شاگردياڻين سان ڳالھائيندي پروفيسر ڊاڪٽر امانت جلباڻي چيو تہ اسان خوشنصيب آهيون جو صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھوجھڙي تعليم دوست قيادت ھن ضلعي جي تعليمي ميدان کي بھتر نموني سنڀالي ويٺي آھي. شھيد بينظير پبلڪ اسڪول فار گرلس ھجي يا شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ھجي، اھڙن ادارن جي ھتي موجودگي ھڪ نعمت جي حيثيت رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته توھان جي اسڪول ۽ اسان جي يونيورسٽي ڊاڪٽر عذرا فضل جي قيادت ۾ شهيد راڻي جي ڏنل مشن تي پئي هلي.