English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ بلڊر جي گهر تي مبينا حملو، لکين رپين جي ڦرلٽ
views
|
24th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
8کان وڌيڪ هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو: قمر جان بلوچ
ملير (رپورٽر) ملير ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، ميمڻ ڳوٺ ۾ بلڊر جي گهر تي هٿياربندن جي چڙهائي، جوابدار گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 75 تولا سونا زيور، 25 لک روڪ رقم، موبائل فونون ۽ قيمتي سامان ڦر ڪري فرار، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ تفصيل گڏ ڪيا، تفصيل موجب ملير ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي ڦر ۽ چوري جون وارداتون عروج تي پهچي ويون آهن، گهرن تي منظم طريقي سان چڙهايون ڪري ڦر ۽ ڌاڙن جون وارداتون گهٽجي نه سگهيون آهن، گذريل ڏينهن اڌ رات جو ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ميمڻ ڳوٺ جي نامياري بلڊر قمر جان بلوچ جي گهر تي 8 کان وڌيڪ هٿياربندن چڙهائي ڪري ننڊ پيل گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو ۽ گهر ۾ موجود سڀني الماڙين جا تالا ڀڃي 75 تولا سونا زيور، 25 لک رپيا روڪ، موبائيل فونون ۽ قيمتي ڪپڙن سميت ٻيو سامان چورائي آسان سان فرار ٿي ويا، جوابدار ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ گهر ۾ بنا ڪنهن کٽڪي جي واردات ڪندا رهيا ياد رهي ته گذريل ٻن مهينن ۾ ميمڻ ڳوٺ سميت ملير مان ڌاڙي جون 6 کان وڌيڪ وارداتون ٿي ويون آهن، جن ۾ لکين رپيا روڪ رقم، موبائل فونون سونا زيور ڦر ڪيا ويا آهن پر پوليس هيل تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ملير ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رٽ مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي ۽ ملير ڪچي جو علائقو بڻجي ويو آهي جتي ڪنهن به قسم جي قانون جي پاسداري نه آهي، سندن چوڻ هو ته اڳي روڊ، رستن، بازارن ۾ غير محفوظ هئاسين هاڻي ته اسان گهرن ۾ به غيرمحفوظ ٿي ويا آهيون جڏهن ته پوليس صرف ريتي، بجري مافيا، ليڊ گريبرن کان ڀتو اوڳاڙڻ ۾ مصروف آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير، آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نااهل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي برطرف ڪري ايماندار آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي، هاڻي اسان جي صبر جا پئمانا لبريز ٿي چڪا آهن فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ملير جي ٿاڻن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ميمڻ ڳوٺ
0 تبصرے