ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو صرف مسجد تائين محدود نه رهو: محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين
ملير (رپورٽر) ڪراچي ٽول پلازه تي رمضان شريف جي آمد ۽ جلسو دستاربندي ملهايو ويو هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمندن ۽ مريدن جي شرڪت، جلسي گاه ۾ سموري سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن مان عقيدتمند مريد شريڪ ٿيا ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو صرف مسجد تائين محدود نه رهو، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪيو پنهنجي هٿن سان روزي ڪيو محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين جو جلسي کي خطاب، صبح سوير کان ماڻھن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جلسي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا تفصيل موجب آچر جي ڏينهن ٽول پلازه ويجهو جماعت اصلاح المسلمين جي مرڪز ذڪريا ڳوٺ ڪراچي ۾ ساليانو روحاني رمضان شريف جي آمد ۽ دستار بندي جو جلسو ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ جي مختلف هنڌن کان وڏي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند شريڪ ٿيا جلسي جي شروعات تلاوت قرآن شريف سان ڪئي ويئي جلسي ۾ پاڪستان جي مشهور نعت خوانن شبير احمد نيازي، حمد باري تعالي نعت شريف ۽ منقبتون پڙھي ماڻھن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هر طرف الله الله جون صدائون بلند ٿي ويون، خليفه محمد رمضان طاهري مولانه خليفه امام علي طاهري، علامه غلام حسين طاهري قاري منير احمد آلکاڻي مولانا امام بخش عادل سميت سنڌ جي خليفن شرڪت ڪئي، ڏيڍ سئو کان مٿي عالمن ۽ حافظن جي دستار بندي ڪئي وئي جن ۾ فريد احمد، محمد رحيم، علي جان، صدام حسين، عبدالعزيز، غلام قادر، ڪمال الدين، اللہ بخش محمد اسحاق محمد ابراھيم غلام حسين فياض احمد محمد عيسي ۽ ٻين جي دستار فضيلت ٿي جلسي ۾ آيل ماڻھن کي جماعت اصلاح المسلمين جي روح روان سرپرست اعلي علامه مولانا محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين خطاب ڪندي چيو ته ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو صرف مسجد تائين محدود نه رهو، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪيو پنهنجي هٿن سان حلال روزي ڪيو انسانيت سان محبت ڪيو، ڪنهن کي به تڪليف نه رسايو، گٽڪو مائو نشي واريون عادتون ڇڏيو روزگار کي ترجيح ڏيو، قلبي ذڪر کي زندگيءَ جو حصو بڻايو، جڏهن ته جلسي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪياويا جلسي گاه ۾ پهچائڻ لاء جماعت اصلاح المسلمين جي الخادمين جا ماڻھو رستن گهٽين گيٽن تي مقرر هيا ملير 3 گڏاپ جماعت اصلاح المسلمين جي طرفان ماڻھن جي سهولت لاء پاڻي جو انتظام ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي صحت جا انتظام اصلاح المسلمين جي ڊاڪٽر امير اختر خليفو عبدالغني پالاري غلام علي جوکيو ظھور احمد جوکيو اعظم برفت مولابخش گبول پنهل جوکيو سليمان جوکيو ناصر پالاري ۽ ٻيا شامل هئا صبح سوير کان ماڻھن جي اچڻ جو سلسلو مغرب تائين جاري رهيو جلسي گاه ۾ پري ويٺل ماڻھن لاء اسڪرينون پڻ لڳايون ويون.
0 تبصرے