سجاول(گلشيرميربحر)بوائز پرائمري اسڪول ٻيلو ۾ صفائي عملو نه هئڻ جي ڪري اسڪول ۾ گندگي جا ڍير استادن ۽ شاگردن جو احتجاج ، خبر موجب .ٻيلو شهر ڄي مين بوائز پرائمري اسڪول ۾ پٽيوالي جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪوبه پٽيوالو مقرر نه ٿيو اسڪول کولڻ بند ڪرڻ سميت اسڪول جي صفائي نه ٿيڻ سبب اسڪول ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن. اسڪولڻ ۽ بند ڪرڻ ۽ صفائي ڪرڻ تي شاگرد استاد مجبور استادن ۽ شاگردن جو احتجاج تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کان اسڪول تي جلد کان پٽيوالو مقرر ڪرڻ جو مطالبو اسڪول جي هيڊ ماستر حاجي محمد ميمڻ ۽ ٻين استادن صحافين کي ٻڌايو ته اسڪول جي انرولمينٽ 500 کان وڌيڪ آھي اسڪول جي کولڻ ۽ بند ڪرڻ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي ڀرڻ لا۽ هڪ ئي پٽيوالو مقرر ٿيل هو پر ان جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد اسڪول کولڻ بند ڪرڻ صفائي سٿرائي سميت پاڻي ڀرڻ مسئلو بنجي ويو آھي هنن چيو ته اسڪول ڪئمپس ۾ شامل هجڻ ڪري ها۽ اسڪول ٻيلو سان گڏ آھي ها۽ اسڪول جي هيڊ ماستر کي لکت توڙي زباني بار بار چيو آھي پر ڪوبه عملي قدم نه پيو کنيو وڃي ها۽ اسڪول تي پٽيوالا مقرر ٿيل آھن انهن کي هتي مقرر نه پيو ڪيو وڃي هنن چيو ته ڊي اي او ضلع سجاول کي به درخواست ڪئي هن هيڊ ماستر لا۽ لکيو معاملو حل ڪريو پر ڪوبه مسئلو حل نه پيو ٿئي هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي روزاني صفائي ڪرڻ کولڻ بند ڪرڻ ۽ پاڻي ڀرڻ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جي وس کان ٻاهر آھي هوڏانهن اسڪول جي ڪلاس رومن ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آھن رابطو ڪرڻ تي پرائمري اسڪول جي انچارج ڪئمپس ها۽ اسڪول ٻيلو جي هيڊ ماستر اصغر خواجه ٻڌايو ته پٽيوالي جي مقرري جو آرڊر جاري ڪيو پر هن اسڪول جو ڪم ڪرڻ کان جواب ڏنو ته آئون چوڪيدار آھيان اسڪول کوليندس ۽ بند ڪندس صفائي نه ڪندس رابطو ڪرڻ تي انچارج ڊي اي او سيڪنڊري شفيع محمد ٻارڻ ٻڌايو ته مونکي ان مسئلي جي ڄاڻ ناهي ڊي اي او سيڪنڊري پيار علي خواجه جي رٽائرٽمينٽ بعد مونکي چارج ملي آھي مون وٺ ڪابه لکت ۾ درخواست نه آئي آھي پرائمري اسڪول ٻيلو جي استادن اسڪول ۾ پٽيوالي جي مقرري جي گهر ڪئي آھي .
0 تبصرے