پيپلزپارٽي جو ڪئنالن جي معاملي تي چٽو موقف آهي، ڪئنال منظور ناهن: مسرور احمد راڄپر
نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز پيپلزپارٽي جي ضلعي قيادت پاران ضلعي صدر سهيل اختر عباسي ، جنرل سيڪريٽري مسرور احمد راڄپر، نائب صدر خالد مسعود چنه، انفارميشن سيڪريٽري خان اعواڻ ، علي اڪبر سمون سميت ٻين عهديدارن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڻي اسان جو جياپو آهي جنهن تي ڪابه سوديبازي قبول ناهي پيپلزپارٽي جو ڪئنالن جي معاملي تي چٽو موقف آهي ۽ رهندو ته ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪيا ويندا ضرورت پئي ته ڪئنالن جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان به قرارداد منظور ڪرائي ويندي هنن چيو ته اها پيپلزپارٽي ئي آهي جنهن چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ شروع ڪئي هئي جيڪو منصوبو ناڪام ٿي ويو ۽ ڇهه ڪئنالن جي پڻ پارٽي قيادت فيور ناهي ڪئي نه ئي ڪندي هنن چيو ته سنڌ ۾ خاص نوشهروفيروز ضلعي اندر هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت هڪ ٽولو پيپلزپارٽي پارٽي ۽ اسان جي قيادت خلاف سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن جن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته لکڻ اسان کي به ايندو آهي پر اسان جي تربيت ۾ اهڙي قسم جي پرورش ناهي ڪئي وئي ته ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪريون هنن وڌيڪ چيو ته مرتضي جتوئي تي پيپلزپارٽي پارٽي جي شهيد بلاول زرداري جو ڪيس مورو ۾ داخل ٿيل باقي ٻين ڪيسن سان اسان جي ضلعي جو واسطو ناهي آهي اهي ڪيس پاڻ تي ڪرائي اسان جي حڪومت ۽ قيادت کي بدنام ڪيو پيو وڃي بلاول زرداري اسان جو ڪارڪن هيو جنهن قتل تي اسان انصاف جا منتظر آهيون ٻين ضرورت پوڻ تي احتجاج به ڪنداسين ان موقعي تي غضنفر راڄپر، سيد ڪاظم شاھ ۽ ٻيا عهديدارن پڻ موجود هئا
0 تبصرے