شوقين علي گوپانگ جي ڌر تي ڏوهه ثابت، هڪ ڪروڙ 70 لک ڏنڊ هنيو ويو، مستقبل ۾ اڳرائي ڪرڻ تي 30 لک ڏنڊ مقرر
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان انڙ هائوس علي آباد ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 10 سالن کان مٿي هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو ڪيو ويو،جڏهن ته حاڪم علي گوپانگ ۽ شوقين علي گوپانگ جي ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو پيپلزپارٽي ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ جي ڀاءُ پيپلزپارٽي اڳواڻ عدنان الطاف حسین انڙ جي سرپئنچي علي آباد انڙ هائوس تي ڪيو ويو.فيصلي ۾ شوقين علي گوپانگ جي ڌر مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 70 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ جوابدار ڌر کي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جي فتوايٰ پڻ ٻڌائي وئي.جڏهن ته ٻنهي ڌرين مان اڳرائي ڪرڻ تي 30 لک روپيا ڏنڊ جي سزا به رکي وئي.جڏهن ته ڏوهي قرار ڏنل ڌر حاڪم علي گوپانگ وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي ويندي ۽ ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين جا مشير ۽ شاهد جنهن ۾ چئرمين باڊھ ٽائون ڪاميٽي بدر الدين ساريو، پ پ ضلعي ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري فدا حسين ڦلپوٽو، اصغر علي گوپانگ، گلزار علي گوپانگ، محمد عالم، مظهر علي جتوئي، وڏيرو برڪت علي ابڙو ۽ مظفر علي هئا.واضع رهي ته شوقين علي گوپانگ ۽ حاڪم علي گوپانگ واري ٻنهي ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان جيهڙو ٿي پيو هيو جهيڙي ۾ حاڪم علي گوپانگ واري ڌر جا ٽي ماڻهو محمد هاشم گوپانگ شاهد گوپانگ محرم گوپانگ قتل ڪيا ويا هئا جڏھن ته ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو هيو زخمين ۾ حاڪم علي گوپانگ محمد قاسم گوپانگ ۽ عبدالغفار گوپانگ شامل هئا.جڏھن ته حاڪم علي گوپانگ جي گهرن کي باھ پڻ ڏني وئي هئي جنهن دروان حاڪم علي گوپانگ جو چوپايو مال سميت گهر پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو هيو.جنهن جي 20 لک ڏنڊ جي رقم به پڙھي ٻڌائي وئي.جڏھن ته 10 هزار بروقت ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي وئي.جڏھن ته باقي ڏنڊ جي رقم 3 قسطن ۾ ڏني ويندي.پهرين قسط 50 لک ادا ڪئي ويندي باقي رهيل ڏنڊ جي رقم باقي قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي پابند هوندي. هوڏانهن باڊھ ٿاڻي تي قتل جي ايف آء آر 8 جوابدارن تي داخل ٿيل آھي جڏھن ته 5 جوابدار جيل حوالي ٿيل آھن ۽ 3 جوابدار روپوش آھن.جڏھن ته ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آھي ۽ جوابدارن کي عدالت طرفان عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.جنهن کان پوء جوابدار ڌر پاران پ پ اڳواڻ عدنان انڙ وٽ فيصلو رکرايو ويو.جنهن کان پوء ڌرين ۾ ٺاه ٿي ويو.جڏھن ته فيصلي جي فتويٰ ترجمان انڙ هائوس سڪندر علي چنو ۽ اخلاق انڙ مشيرن شاهدن جي سامهون پڙھي ٻڌائي وئي.هوڏانهن ڌرين جو پاڻ ۾ ٺھڻ علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.
0 تبصرے