ملير: ڪوهي ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي ٿي پيا

جهيڙي دوران 25ورهين جو فياض کوسو مارجي ويو، عبدالشڪور کوسو ۽ خان محمد کوسو زخمي ٿي پيا

ملير: ڪوهي ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي ٿي پيا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڇرين لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻه زخمي ، زخمي ۽ فوتي جناح اسپتال منتقل، علائقو ۾ ڇڪتاڻ پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو،7 ڄڻا گرفتار، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان پٽ کي ظالمن بيگناھ قتل ڪري گهر اجاڙي ڇڏيو آهي انصاف ڪيو وڃي مقتول جي پيءُ واحد بخش کوسو، جوابدار ڪيترائي ئي بااثر ڇو نه هجن سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ايس ايس پي ملير تفصيل موجب: ملير جي شاه لطيف ٿاڻي جي حد ڪوهي ڳوٺ جي شالي پاڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو ڇرين، سرين، پٿرن جو آزادانه استعمال سبب هڪ ڄڻو 25 ورهين جو فياض پٽ واحد بخش کوسو مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا 30 ورهين جو عبدالشڪور پٽ جلال کوسو ۽ 42 ورهين جو خان محمد پٽ جلال کوسو زخمي ٿي پيا واقعي بعد پوليس پهچي علائقي کي گهيري هيٺ آڻي زخمين ۽ فوتي کي ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ڪاروائي ڪندي 7 ڄڻن مراد علي، الاھي بخش ، علي شیر ، شاھ زیب ، غلام حسین ، صدام حسین کي گرفتار ڪري ورتو ٻئي طرف سرد خاني مان لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ان سلسلي ۾ مقتول جي پيءُ واحد بخش کوسو جو چوڻ هو ته نوجوان پٽ تي حملو ڪري بي گناھ قتل ڪيو ويو آهي اسان پورهيت ماڻهون آهيون انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ٻڌايو ته جوابدار ڪيترائي ئي بااثر ڇو نه هجن قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي متاثر شھري جنهن تي به شڪ ظاهر ڪندا ان کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ متاثر ڌر جي وارٿن جي مرضي تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو