English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز: اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي هٿڪڙيون هڻي اي ٽي سي ۾ پيش، جيل ڀيڙو
views
|
18th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف باڊهه ۽ ڏوڪري ٿاڻن تي وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ڪيا ويا
نوشهروفيروز(ڊر )اڳوڻي وفاقي وزير، اين پ پ سربراهه غلام مرتضي جتوئي کي نوابشاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي مان بڪتر بند گاڏي ۾ هٿڪڙيون هڻي نوشهروفيروز ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عوام مرتضي جتوئي جي عدالت ۾ پيشي کان اڳ نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ضلعن جي وڏي پوليس نفري عدالت ٻاهران مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته سوين ڪارڪن پڻ عدالت ٻاهران پهچي ويا. دهشتگردي جي انت واري عدالت غلام مرتضي جتوئي جي ضمانت تي فريادي ڌر پاران وقت گهرڻ تي عدالت ٻڌڻي 20 فبروري سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي غلام مرتضي جتوئي کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.هوڏانهن غلام مرتضي جتوئي جي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ۾ پوليس مقابلي ئي ڊيوٽي اٽڪاء جا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن، پوليس اهڙيون ايف آء آرون پڻ عدالت ۾ پيش ڪيون. هوڏانهن غلام مرتضي جتوئي جي عدالت ۾ حاضري کان اڳ نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي پوليس جا وڏا اٽالا عدالت ٻاهران بيٺل رهيا. شهر مان گذرندڙ پڊعيدن روڊ کي پوليس بند ڪري ڇڏيو. عدالت ٻاهران ضلعي جي مختلف شهرن کان اين پ پ جا سوين ڪارڪن پڻ پهتل هئا جيڪي پوليس خلاف نعري بازي ڪري رهيا هئا. هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ غلام مرتضي جتوئي جي ننڍي ڀاء مسرور خان جتوئي چيو ته هاء ڪورٽ جو حڪم آهي ته غلام مرتضي ۽ سندس خاندان خلاف ڪابه ايف آء آر داخل ڪرڻ اڳ عدالت کان اجازت وٺڻ گهرجي پر هتي پوليس وٽ ڪوبه قانون ڪونهي. هن چيو ته پوليس هاء ڪورٽ جي حڪمن کي نظرانداز ڪندا غلام مرتضي جتوئي خلاف وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن جن خلاف عدالت جو در کڙڪائيداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارن جيڪي به قانون جا ڪتاب آهن انهن کي هڪ ئي ٽيبل تي رکي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، هتي ڪوبه قانون ڪونهي، پر ان جي باوجود اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي جنهن ڪري عدالتن سان رجوع ڪيون ٿا، سرڪار جون انتقامي ڪارروايون اسان کي جهڪائي نه ٿيون سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
غلام مرتضيٰ جتوئي
GDA
Murtza jatoi
0 تبصرے