سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

پولينڊ، ٿائيلينڊ، سلونيا سميت مختلف ملڪن جو 45رڪني سياحتي وفد موهن جو دڙو پهتو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) قديم ماڳ موهن جو دڙو تي مختلف ملڪن پولينڊ، ٿائلينڊ، سلونيا سميت پرڏيهي سياحن جو 45 ڄڻن تي مشتمل وفد سنڌ جي قديم ماڳ تي پهتو.پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي آثار گهمي ڏٺا. ان موقعي تي پرڏيهي وفد ماڳ ۾ دلچسپي وٺندي چيو تہ دنيا جي تاريخ ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب منفرد حيثيت رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو مختلف ملڪن کان سياح هتي اچن ٿا.هنن چيو تہ موهن جو دڙو اوائلي دور جي قديم ترين تهذيب آهي،جيڪا اڄ بہ وڏي اهميت رکي ٿي. 5 هزار سالن کان قائم قديم گهرن جو وجود قائم رهڻ ڪنهن حيرت کان گهٽ ناهي، هوڏانهن سنڌ ٽوئرزم جي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي ۽ موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ کين ماڳ بابت آگاهي ڏني. جڏهن تہ سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.