قومي عوامي تحريڪ سجاول جو ٻنون شهر ۾ ضلعي صدر پنھل سولنگي جي صدارت هيٺ اجلاس

اجلاس دوران قومي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي جي باڊي ٽوڙي نئين آرگنائيزنگ ست رڪني باڊي ٺاهي وئي

قومي عوامي تحريڪ سجاول جو ٻنون شهر ۾ ضلعي صدر پنھل سولنگي جي صدارت هيٺ اجلاس

سجاول (رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو اجلاس ضلعي صدر پنھل سولنگي جي صدارت هيٺ ٻنون شھر ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ۽ ترجمان اشرف پليجو خصوصي طور شرڪت. قومي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي جي باڊي ٽوڙي نئين آرگنائيزنگ ست رڪني باڊي ٺاهي وئي. آرگنائيزر پنھل سولنگي سيڪريٽري زين سومرو ميمبر نظام پليجو، علي محمد لاشاري، مجيد چانگ، جبار ٻجورو، غلام رسول سولنگي، يوسف ڪنڀار ، عزيز چوھاڻ پپو سولنگي کي چونڊيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف مارچ ۾ مظاهرا ۽ اپريل ۾ پيادل مارچ ڪيا ويندا.قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌو درياھ اسان جو آھي ان تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينداسين. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي پنهنجي 17 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي.الطاف خاصخيلي چيو تہ سنڌ درياھ تي ڌاڙو لڳو ۽ 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ مقتل گاھ بنجي ويندي. سنڌ جا ماڻھو سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، پنھنجي حقن لاء ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت پورھيت، ھاري ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن.قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان اشرف پليجي چيو تہ ھي 6 ڪينال ناھن، ھي 6 راڪاس آھن جيڪي سنڌ ڳڙڪائي ويندا جنھن سان سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ڪينالن جي مصيبت اوچتو آسمان مان نہ ڪري آھي ھن سنڌ دشمن منصوبو ۾ آصف علي زرداري ڀاڱي ڀائيوار آهي. وفاقي حڪومت آصف علي زرداري ۽ سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري جي سھڪار سان 6 نوان ڪينال پيو ٺھرائي. پيپلزپارٽي جي ھميشہ تاريخ رهي آهي ھنن سدائين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن فيصلا ڪيا آهن. قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي آرگنائيزر پنھل سولنگي خطاب ڪندي چيو تہ چولستان ڪئنال سميت 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ خطرناڪ آھن نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سر سبز سنڌ بنجر ٿي ويندي. جاھل، چور ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمران سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا جوڙي سنڌ جي عوام کي مارڻ چاھين ٿا. پيپلزپارٽي پارٽي جا حڪمران اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي سنڌو درياءَ تي حملا ڪرائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. سنڌو درياھ سنڌ جي سڃاڻپ آھي.سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال ۽ ڪو بہ ڊيم يا ٻيو منصوبو قبول نہ ڪيو ويندي. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي سيڪريٽري زين سومرو خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ دشمن قوتون سنڌو درياھ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ چاھين ٿا. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي وئي آهي.