English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي انجنيئر خلاف ملازمن جو احتجاج
views
|
17th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ساگر يوسف منگي، وقار احمد لاڙڪ، محمد يعقوب وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز(ڊر)ڪرپٽ انجنيئر هٽايو۔ اسڪارپ بچايو۔ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ڪرپشن ۾ ملوث انجنيئر هٽائڻ خلاف ملازم ڌرڻي تي ويٺل۔ 27 فيبروري تي چيف انجنيئر آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان۔ خبر موجب تي اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين ڊويزن نوشهرو فيروز جي ملازمن طرفان نئين مقرر ٿيل ڪرپٽ انجنيئر اسڪارپ جاويد آفتاب ٽانوري خلاف احتجاج جاري آهي احتجاج جي اڳواڻي اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو صدر ساگر يوسف منگي، جنرل سيڪريٽري وقار احمد لاڙڪ، آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن جي محمد يعقوب وڳڻ، محمد خان مشوري، فقير اياز منڱريو، محمد بخش ڪورائي،دلدار سولنگي، محمد حسن زرداري، راشد ڀٽي عنايت سومرو، رمضان مڱريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نوشهرو فيروز ۾ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهه ۽ نيب زده انجنيئر جاويد اقبال ٽانوري کي هر دفعي بجيٽ هڙپ ڪرائڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، سندس اچڻ شرط اسڪارپ ڪالوني جي لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ڪڍرائڻ لاءِ ڪوڙا ووچر ٺهرائي آيل بجيٽ ڪڍي رهيو آھي پمپ اسٽيشنن جي لاءِ آيل 8 ڪروڙ پڻ ڪوڙا ووچر ٺهرايا آھن بدقسمتي اها آھي جو جڏهن به اسڪارپ جي بجيٽ ايندي آھي ته جاويد آفتاب ٽانوري انجنيئر بدلي ڪرائي پهچي ويندو آھي، هن جي 3 مهينا بدلي ڪري وري سالن لاءِ آيل بجيٽ جو صفايو ٿئي ٿو، اسڪارپ جي رهائشي ڪالوني جا ڪوارٽر زبون ٿي ويا آھن انھن جي مرمت لاءِ آيل پئسا به ڳڙڪائي ٿو وڃي ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ به ڪو پلانٽ ناهي رڳو ڪوڙن ووچرن ۾ بل ٺاهي بجيٽ جي صفائي ٿي رهي آھي. 27 فيبروي تي چيف آفيس ايريگيشن حيدر آباد آفيس آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
0 تبصرے