عمرڪوٽ: ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيتن جو سلسلو جاري

پير پاڳاري جو پٽ پير راشد شاهه راشدي، ايم پي اي سردار چانڊيو، ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي، فياض ٻٽ مانجهاڪر پهتا

عمرڪوٽ: ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيتن جو سلسلو جاري

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيتن جو سلسلو جاري آھي، حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جو فرزند پير راشد شاھ راشدي، چانڊيا قوم جي سردار ۽ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي، ايم پي اي فياض ٻٽ، ايم پي اي اسماعيل راهو، اڳوڻي ايم پي اي قمبر لغاري ۽ ٻين ڳوٺ مانجھاڪر پھچي نواب يوسف ٽالپر جي پوئينرن سان عذرخواهي ڪئي، ان موقعي تي پير راشد شاھ راشدي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي وڏن جا ٽالپر خاندان سان سٺا تعلق آھن، الله پاڪ نواب يوسف کي درجا بلند ڪري، باقي آئون هتي ڪا سياسي ڳالھ نٿو ڪيان. ايم پي اي سردار خان چانڊيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري زماني جو ڪم آھي، وارا آھن ڪڏھن تخت آھي ته ڪڏھن تختو آھي، تخت تي به ويھندا آھن ۽ تختي تي به ويندا آھن، اسان جيسين آھيون تيسين ڪئنالن نه ٺھندا، پنھنجي سنڌ لاءَ جيڪو ڪرڻو پيو ڪنداسين ۽ پنھنجا حق ڪنھن کي نه ڏينداسين، هن چيو ته نواب يوسف اعليٰ شخصيت ۽ اسان جو وڏو هو، تمام ويجھو رشتو هو ۽ نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي پيدا ٿيل خال سندس فرزند پورو ڪندا، پير راشد شاھ جي آمد تي ف ليگ سنڌ جي نائب صدر خضر حيات منڱريو، چيف خليفو فقير قادر بخش منڱريو، فقير مگھن منڱريو سميت حر جماعت جا مريد به وڏي انگ ۾ پھتا.