سرڪاري اگهه تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ دڪانن کي سيل ڪرڻ سميت گرفتاريون به ڪيون وينديون: سليم الله اوڍو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو جي نگراني۾ ناجائز منافع خورن ۽ حددخلين خلاف سخت الڳ الڳ ڪاروائي جي نگراني ڪئي. گلشن حديد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم انيس عباسي ۽ مختيارڪار بن قاسم سهيل احمد ميمڻ سان گڏجي سب ڊويزن بن قاسم ۾ قيمتن جي چيڪنگ ڪئي وئي، جتي منافع خورن ۽ غير قانوني وڪرو ڪندڙ واپارين دوڪاندان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي.ان دوران سرڪاري اگهه جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن تي سخت ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته دڪان سيل پڻ ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو سمورن دڪاندارن کي واضح هدايتون ڏنيون ته سرڪاري اگهه تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ دڪانن کي سيل ڪرڻ سميت گرفتارين سميت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ساڳئي مهم تحت ڊپٽي ڪمشنر ملير جي اڳواڻي ۾ ضلعي پوليس، ٽي ايم سي گڏاپ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان گلشن حديد جي مختلف هنڌن تان غيرقانوني حددخلين آپريشن ڪري کين هٽايو ويو ۽ شهرين کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ عوامي رستن کي صاف ڪرايو ويو.ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو سخت ھدايت جاري ڪندي چيو آهي ته ناجائز منافع خور ۽ حددخلين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ وارننگ ۽ ڏنڊ جاري ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ان تي عمل نه ڪندڙن کي جيل موڪليو ويندو ۽ سندن دڪان مستقل طور سيل ڪيا ويندا. هن واضح ڪيو ته ضلعي انتظاميه عوام کي مهانگائي ۽ حددخلين جي مسئلن مان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجون ڪارروايون تيز ڪيون وينديون.
0 تبصرے