English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ جاري، سانگهڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ريلي
views
|
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
محمد اخلاق ورياھه جي اڳواڻيءَ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئ
سانگهڙ (حسنين عاشق ساند) مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوآدم پاران مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي ۽ ساس ٽنڊوآدم جي سيڪريٽري محمد اخلاق ورياھه جي اڳواڻيءَ ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، سگا شاخ ٽنڊوآدم جي صدر غلام قادر ڀچو، ايس يو پي جي ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، شفيع محمد ساند، ن ليگ اڳواڻ رئيس انور علي خان مري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ رئيس حبيب خان مري، پروفيسر ياد حسين شيخ، پروفيسر ذوالفقار جتوئي، پروفیسر سڪندر ملوکاڻي، منير چنا، پ ٽ الف اڳواڻ لکا ڏنو خاصخيلي، جانڻ سنڌي، عبدالڪريم جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت الله ڪيريو، عبدالغفور ڪيريو، پير غلام حيدر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررین چيو ته سنڌي ٻولي پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکي ٿي، جيڪا صدين کان شاهوڪار ٻولي رهي آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نئين نسل کي سنڌي پڙهائڻ بدران سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ انگريزي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان ناانصافي آهي. مقررین چيو ته انگريز دور تائين سنڌي قومي ٻولي طور تسليم ٿيل هئي، جڏهن ته اقوام متحده جي آئين مطابق جنهن قوم جي پنهنجي ڌرتي ۽ رسم الخط هجي، ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ گهرجي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته مختلف ملڪن جا سربراهه پنهنجين قومي ٻولين ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ ٻين سان رابطو ڪرڻ لاءِ ترجميڪار ساڻ کڻي ايندا آهن، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جو ثبوت آهي. ان موقعي تي مقررین مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ کي فوري طور قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ٻوليءَ تي فخر ڪري سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌي ٻولي
سانگهڙ
سنڌي ادبي سنگت
0 تبصرے