غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري ۽ پير سائين پاڳاري جي پٽ تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪريون ٿا
واھي پانڌي (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ستون واھي پانڌي يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي ڪنھن وڏي تباهي ۽ بربادي ڪئي آهي اھا آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪئي آهي.جيڪو ماڻھو درياھ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، سنڌ جي حقن جن ڳالھ ڪري ٿو، عوام جي ڳالھ ڪري، وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڳالھ ڪري ٿو سنڌ حڪومت انهن ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا اسان جي ڊي اي جي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي جي گرفتاري ۽ پير سائين پاڳاري جي فرزند مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي سنڌ جا نوجوان پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌو درياھ اسان جو آھي ان تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ منشيات پيپلز پارٽي جو ڏنل تحفو آهي، جنھن سان نوجوانن کي تباھ ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت ۽ منشيات مسلط ڪري ڇڏي آھي سنڌ کي ھٿ وٺي منشيات جو ڍير بنايو ويو آھي تہ جيئن سنڌ جو نوجوانن کي منشيات ۾ مبتلا ڪري وسيلن ۽ دولت کي لٽي سگھجي. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ھاڻ اقتدار خاطر درياھ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ زندگي ۾ ھر چئلينجن جو ميرٽ ذريعي مقابلو ڪيو. تعليم کانسواءِ اسين سنڌ کي بچائي نٿا سگھون. نوجوانن وٽ اڳتي وڌڻ جا 2 رستا تعليم ۽ سياست آھي. ڪرپٽ، دھشتگرد، انتھاپسند ۽ عوام دشمن جاگيردار سياست کي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن، وطن دوست، عوام دوست، علم دوست ۽ انسان دوست ماڻھو اڳتي اچي دو نمبر ماڻھن کان سياست جو ميدان ڦري وٺن. تعليم، صحت، ترقي، روزگار سميت ھر معاملو سياست سان جڙيل آھي. سنڌ جي بقا جو واحد رستو سياست ۽ تعليم آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ھجڻ سان گڏ وڏا چئلينج بہ آھن ترقي جي تيز ترين دور ۾ سنڌ بہ تيزي سان تبديل ٿي رھي آھي. علم جي تڙپ سنڌ جي نوجوانن کي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ ناقابل شڪست بنائي ڇڏيندي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سفارشي ۽ ڪرپشن ڪلچر اسان جي انفراسٽڪچر کي تباھ ڪيو آھن۔ وزيرن ۽ ايم پي اي، ايم اين اي جي ھٿ۾ ڪجھ ناھي۔ سنڌ جو مستقبل نوجوانن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھٿ ۾ آھي جيڪو ميريٽ لاء ڪوشش نٿو ڪري اھو ايندڙ دور جو اڻپڙھيو آھي۔ سڄي دنيا ۾ ميريٽ ذريعي اڳتي ايندڙ نوجوانن کي سڏي رھي آھي۔ آمريڪا، ڪينيڊا، چائنا، آسٽريليا، رشيا، جاپان ۽ ٻيا علم جي طاقت سان اڳتي وڌيل ملڪن جا اعلي تعليمي ادارا سنڌ جي ذھين ۽ علم لاء تڙپندڙ نوجوانن جي آجيان ڪري رھيا آھن۔ ھٿيارن جي طاقت سان دنيا فتح ڪرڻ جو دور گذري ويو۔ ھي دور ذھنن سان دنيا ۽ ملڪن کي فتح ڪرڻ جو آھي. اياز لطيف پليجو چيو تہ ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياءَ تي وفاق جو قبضو ٿيڻ نہ ڏينداسين.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪيو ويندو.
0 تبصرے