سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ريليون ۽ مظاهرا

ٺٽو، ڀان سيد آباد، ٺارو شاهه، ٽنڊو آدم، مورو، ميهڙ، سيتا روڊ، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ريليون ۽ مظاهرا

ڪراچي / ٺٽو /سکر/نوابشاهه(رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ريليون ۽ مظاهرا، مٺي ۾ حيسڪو ملازمن پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊويزنل چيئرمين غلام رسول راهمون، جنرل سيڪريٽري نرمل، سوائي مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي وئي، سيتاروڊ ۾ واپڊا اليڪٽرڪ هائڊرو ليبر يونين جي مرڪزي اڳواڻن طرفان واپڊا جي امڪاني نجڪاريَ واري فصلي خلاف ڏنل احتجاجي سڏ تي سيتاروڊ سيپڪو سب ڊويزن رحماني ننگر جي اڳواڻن طرفان به واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي۔ سيپڪو سيتاروڊ جي ملازمن واپڊا آفيس کان گرڊ اسٽيشن جي مک گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔انسلسلي يونين چيئرمين مولابخش ٻگھيو، مھراڻ ميمڻ، دلشاد سولنگي، ربنواز سولنگي، نٽار احمد ٻگھيو، امير سولنگي ۽ ٻين ملازمن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي، ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي بند ڪري فوتي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي۔ هنن وڌيڪ چيو تہ نجڪاري سان هزارين ملازم بيروزگار ٿيندا اھڙو ظالماڻو فيصلو واپس ورتو وڃي۔ ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. بدين ۾ واپڊا هائيڊو يونين اليڪٽرڪ ورڪرز سي بي اي يونين بدين طرفان واپڊا جي امڪاني نجڪاري، ملازمن جي 20 سيڪڙو ڪوٽا ۽ سن ڪوٽا توڙي اسٽاپ جي کوٽ مشينريون ۽ حفاظتي سامان نه ڏيڻ خلاف بدين حيسڪو ڊويزن اڳواڻ لالا غوثا پٺاڻ محمد امين نظاماڻي الهبخش ڪاتيار اميد علي چانگ غلام مصطفي ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو انھي موقعي تي اڳواڻن چيو ته موجوده حڪومت واپڊا کي خانگائڻ جي ڪوششن مصروف آهي جنهن ڪري هزارين واپڊا ۾ ڪم ڪندڙ ملازم بيروزگار ٿيڻ جا امڪان آهن جڏهن ته واپڊا ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي رٽائرمينٽ ٿيڻ کان پوءِ سندن اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ اسٽاپ جي کوٽ هجڻ باوجود نئي اپائيٽمينٽ نه ٿي ڪئي وڃي ۽ زندگيون بچائيندڙ ضروري مشينري آلات ۽ گاڏيون نه ملڻ ڪري ملازم پڻ سخت پريشان آهن هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري واري عمل خلاف پاڻ مرادو نوٽيس وٺي واپڊا کي نجڪاري بچائي ملازمن جا جائز مطالبا حل ڪرايا وڃن ۽ سندن بي چيني ختم ڪئي وڃي، مورو ۾ آل پاڪستان واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي مرڪزي سڏ تي سيپڪو مورو ڊويزن مزدور آفيس کان مورو پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري پھتا، مظاھري جي اڳواڻي امتياز ملاح، شاھنواز ملاح، عبدالحميد گھانگھرو، دانش ميمڻ، شفقت قريشي، اسلم عباسي، جميل ٻرڙو، مجيد مستوئي، محبوب چوھاڻ، غلام عباس ٻرڙو، اياز ملاح ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.، اڳواڻن چيو تہ مھانگائي سبب ملازمن جي پگھارن، پينشن ۾ اضافو ڪيو وڃي، واپڊا ڊسڪوز ڪمپنين کي نجڪاري پرائيويٽ ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ملازمن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نئين ڀرتي ڪئي وڃي اسٽاف توڙي ٽيڪنيڪل عملي کي بچاءَ لاءِ سيفٽي اوزار ڏنا وڃن، بلڙي شاه ڪريم : حيسڪو جي مبينه نجڪاري ۽ مطالبن جي مڃتا لاء آل پاڪستان هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين (حيسڪو ٽنڊومحمدخان) ضلع ٽنڊومحمدخان طرفان گرڊ اسٽيشن کان سجاول چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي آل پاڪستان هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين اڳواڻن ڊويزنل چئيرمين زاهد علي کوسو ، چئيرمين سب ڊويزن يونس نظاماڻي ، چئيرمين رشيد احمد ، ڊويزنل سيڪريٽري عبدالعزيز ميمڻ ، سجاد علي سٺيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ واپڊا جي نجڪاري ڪري هن اداري کي تباهه ڪرڻ جا پلان ٺهي رهيا آهن پر اسان اهڙن فيصلن کي رد ڪريون ٿا هائيڊرو اليڪٽرڪ ملازم انتهائي حساس ڊيوٽي سرانجام ڏيندا آهن هنن کي حفاظتي ڪٽس فراهم ڪيون وڃن ٽنڊومحمدخان جي ريٽائرڊ ملازمن جا پنشن اڪائونٽ ٽنڊومحمدخان ۾ ئي کوليا وڃن موجوده حڪمران واپڊا جي نجڪاري ڪري واپڊا جي وڏي انگ ۾ ملازمن کي بيروزگار ڪندا جيڪڏهن حڪومت هي فيصلو واپس نه ورتو ته هو سخت احتجاج جو رستو اختيار ڪندا. ملازمن جو مطالبو آهي ته واپڊا کي نجڪاري جي بدران وڌيڪ وسيلا فراهم ڪيا وڃن، ته جيئن ادارو وڌيڪ سگهارو ٿي عوام جي خدمت ڪري سگهي. ماضيءَ ۾ به جڏهن سرڪاري ادارن کي خانگي شعبي حوالي ڪيو ويو، ته عوام کي لاڀ حاصل ٿيڻ بدران نقصان ئي ٿيو. بجلي جهڙو اهم وسيلو جيڪڏهن خانگي هٿن ۾ ويو، ته عام ماڻهو لاءِ بلن ۾ اضافو ۽ سروس جي معيار ۾ گهٽتائي جا خدشا وڌي سگهن ٿا. حيسڪو ضلعي ٽنڊومحمدخان جا ورڪر مرڪزي قيادت جي حڪم تي عمل ڪرڻ لاء پرعزم آهن، مٽياري ۾ واپڊا ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن مان گشت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب پهتي جتي واپڊا ملازمن پاران مولابخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو وڏو ادارو واپڊا آهي جنهن جي نجڪاري ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي وفاقي حڪومت فوري طور تي نجڪاري ڪرڻ واور فيصلو واپس وٺي ۽ ملازمن جو پگهارون به ملڪي سطح تي فرق ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ واپڊا ۾ فوري طور تي نيون ڀرتيون ڪري ملازمن ج جي کوٽ کي پر ڪيو وڃي، ڊپلوما هولڊر ڪوٽا ۾ به اضافو ڪيو وڃي ان سان گڏ ايس او جي ٽيڪنيڪل اسٽاف جي الائونس کي به وڌايو وڃي، ميهڙ ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاء سيپڪو ميھڙ آفيس ۾ سيپڪو ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري واپڊا جي نجڪاري خلاف سعيد احمد ڪلھوڙو ، حاجي حسين جتوئي ، فھيم شيخ زاھد حسين ڀٽو ، شمن سومرو ، مشتاق علي ميراڻي ، رفيق جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڀان سيدآباد ۾ پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي سب ڊويزن ڀان سيدآباد ۾ نجڪاري خلاف حاڪم بڪيرو، احسان ميمڻ ، امجدچنا، ديدارعلي سھتو ۽ افروز ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج مظاهرو ڪيو ويو، ٺارو شاهه ۾ واپڊا ھائڊرو يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج مظاھرو ڌرڻو وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي سيپڪو سب ڊويزن ٺاروشاھ جي چيئرمين نياز سھتو سجاول عالماڻي يونس خانزادا حنيف سوڪا اڪرم خانزادا ۽ ٻين عھديدارن چيو تـ وفاقي حڪومت واپڊا عملدارن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رھي آھي واپڊا جي ملازمن جو ڪو بـ مطالبو منظور نٿو ڪيو وڃي ھنن چيو تـ وفاقي حڪومت پنھنجو قبلو درست نـ ڪيو تـ پوري پاڪستان جي بجلي سپلاء بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو جڏٺن تـ واپڊا ملازمن جي ڌرڻي سبب نوشھروفيروز / ٺاروشاھ لنڪ روڊ تي گاڏين جون ڪتارون بيھجي ويون ـ ٽنڊو آدم ۾ واپڊا هائيڊرو ورڪرز يونين پاران نور حسن ٻگهيو، اختر ڪلوئي، عبدالغفور بروهي، منظور خاصخيلي، فهيم قريشي، عرفان ملڪ جي اڳواڻي ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري ۽ مطالبن جي مڃتا لاء آر او آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته واپڊا منافعي بخش ادارو آھي جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ نجڪاري ٿيڻ نه ڏينداسين۔ هنن چيو ته پوسٽون جايون خالي پيل آھن جن تي نئين ڀرتي نٿي ڪئي وڃي۔ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ھوندي به پگهارن ۾ واڌ ناهي ڪئي وئي آھي۔ اسان پنهنجيون زندگيون خطري ۾ وجهي بجلي جي ٿنڀن تي چڙھي ڪم ڪريون ٿا پر سيفٽي لاء ڪو به سامان نٿو ڏنو وڃي۔ هنن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته واپڊا نجڪاري وارو فيصلو واپس وٺڻ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔ ٺٽي ۾ واپڊا ھائِيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو ۽ سجاول طرفان واپڊا جي نجڪاري خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو حيسڪو آفيس مڪلي کان مين قومي شاھراھ تائين واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو ۽ سجاول جي اڳواڻن چيئرمين وحيد علي رند، نيڪ محمد کوسو، منور علي تارو، شير زمان سھتو، ڪامران مغل، نياز خواجہ، نواز تارو، عمران مغل، رحمان خان جي اڳواڻي ۾ ڪري ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ واپڊا جي نجڪاري مزدورن جو معاشي قتل اھي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو، ھنن چيو تہ ھو سندن قائد عبدالطيف نظاماڻي جي حڪم تي عمل ڪندي سراپا احتجاج بڻيل اھن، پر حڪمرانن جي ڪنن تي جون بہ نٿي سري، ھنن چيو تہ واپڊا کاتي ۾ ھزارين خالي جايون پيل آھن، جن کي ڀرڻ لاء بہ حڪومت تيار ناھي، جيڪڏھن اھي خالي پيل سيٽون ڀرجي وڃن تہ وڏي حد تائين بيروزگاري ختم ٿي ويندي، ھنن چيو تہ مھنگائي ۾ اضافو ٿيڻ باوجود واپڊا ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو نٿو ڪيو وڃي ۽ نہ ئي کين پنھنجي حفاظت لاء گاڏيون توڙي سامان ٿو مھيا ڪيو وڃي، ھنن چيو تہ اسٽيل مل، ٺٽو سيمنٽ فيڪٽري، ٺٽو شگر ملز سميت ٻين سرڪاري ادارن کي پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪري لکين مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي ۽ اھو ساڳيو حال ھاڻي ھو واپڊا سان ڪري انھن جي ملازمن کي بہ بيروزگار ڪرڻ چاھين ٿا، جيڪو اسان ھرگز ڪرڻ نہ ڏينداسين. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو تہ واپڊ سميت ملڪ جي ٻين سرڪاري ادارن کي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ڏيڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪري مزدورن خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاروائين جو نوٽيس وٺي پورھيتن سان انصاف ڪيو وڃي.