ڪانفرنس ۾ طبي ماهرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن، بزنس مين ۽ سماجي اڳواڻن صحت جي اهم مسئلن تي ڳالهيون ڪيون
حيدرآباد(بيورو)جستجو فاؤنڊيشن طرفان او جي ڊي سي ايل جي سهڪار سان هڪ شاندار هيلٿ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ طبي ماهرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن، بزنس مين ۽ سماجي اڳواڻن صحت جي اهم مسئلن تي ڳالهيون ڪيون. ڪانفرنس ۾ خاص طور ڪينسر ۽ ٻين موذين بيمارين تي بحث ڪيو ويو، جتي مريضن کي درپيش مشڪلاتن، طبي سهولتن جي کوٽ ۽ سماجي روين تي به روشني وڌي وئي.پهريون سيشن طبي ماهرن لاءِ مخصوص هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر اميران، ڊاڪٽر نند ڪمار، ڊاڪٽر صبا، ڊاڪٽر خالد ابڙو ۽ ٻين ماهرن بيمارين جي سببن، جلدي سڃاڻپ جي اهميت ۽ مريضن جي نفسياتي ۽ سماجي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. مقرررن زور ڏنو ته بيماري جو علاج صرف دوائن سان نه، پر مريض جي گهرڀاتين ۽ سماج جي روين سان به جڙيل هوندو آهي. ٻي سيشن ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن، بزنس مين ۽ سماجي اڳواڻن صحت جي شعور، اجتماعي ذميواري، ۽ پاليسي سطح تي بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪيون. ايڪٽو وومين فاؤنڊيشن جي نازش فاطمه، سپريم ڪورٽ جي وڪيل امداد انڙ، ڪراچي جي معروف بزنس مين ڪاشف رانا، خليل احمد، انيلا جيساني، ۽ ڊاڪٽر دردانہ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جا مسئلا صرف فردي نه پر اجتماعي ذميواري آهن، ۽ ان لاءِ پاليسي سازي سان گڏ عوامي آگاهي مهم پڻ ضروري آهي. او جي ڊي سي ايل حيدرآباد جي هيڊ زاهد مهيسر چيو ته جستجو فاؤنڊيشن سان سهڪار جاري رهندو، جڏهن ته ڪينسر اسپتال جي قيام تي به ڳالهيون هلندڙ آهن. هن زور ڏئي چيو ته بيماريءَ خلاف جنگ فرد جي نه پر پوري سماج جي گڏيل جدوجهد هجڻ گهرجي. جستجو فاؤنڊيشن جي چيئرپرسن صدف وڙائچ، سي او او بهزاد بشير ميمڻ، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اسد الحق قريشي ۽ شهزاد رضا ڪانفرنس جي معزز مهمانن کي اجرڪ ۽ شيلڊون پيش ڪيون، جڏهن ته جستجو فاؤنڊيشن جي ٽيم کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي ايوارڊن سان نوازيو ويو. ڪانفرنس جي نظامت عمران بوراڻو ۽ وهاب منشي سرانجام ڏني.
0 تبصرے