مورو نيشنل هاءِ وي تي بس کي روڪي ٻارڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، 10 ورهين جي انجيه پٺاڻ فوت
مورو (جاني جماڻي)ڪراچي کان ڪوھاٽ ويندڙ مسافر بس ۾ سفر ڪندڙ ڪوھاٽ واسي فيملي جي معصوم ٻارڙن جي بس ۾ طبعيت خراب ٿيڻ سبب ھڪ نياڻي فوت چئن جي حالت خراب مورو اسپتال منتقل ڪراچي کان ڪوھاٽ طرف ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ۾ موجود معصوم ٻارڙن کي الٽي دست ٿي پيا جنھن سبب بس ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ڪوچ کي مورو نيشنل ھائي وي تي بيھاريو جتي مقامي ماڻھن ايچ آر پي ايف جي اڳواڻن جاني مورائي، غلام دستگير پپو ماڇي ۽ ظفر الحق پنھور کي اطلاع ڏنو جنھن پھچي اسپتال عملي سان رابطو ڪري معصوم ٻارڙن سندن وارثن کي مورو اسپتال پھچايو اسپتال اچڻ دوران ھڪ نياڻي 10 سالن جي انجيہ ولد نواب خان پٺاڻ فوت ٿي وئي جڏھن تہ حسنين ڪائنات حسين پٺاڻ کي ڊاڪٽرن بروقت علاج ڪري انھن کي خطري کان بچائي ورتو فوت ٿيندڙ معصوم نياڻي جي امڙ شھلا نواب ٻڌايو تہ اسان ڪراچي ۾ رشتيدارن جي شادي ۾ آيل ھئاسين ڪجھ ڏينھن اڳ ڪراچي ۾ اسان جي ٻارڙن کي الٽي دست ٿي پيا اسان لياري جي مقامي اسپتال ۾ انھن جو علاج ڪرايو اسان کي ڊاڪٽرن چيو تہ اوھان مڪمل علاج ڪرايو پر اسان پنھنجي شھر ڏانھن صبح ڪراچي کان روانا ٿياسين رستي ۾ ٻارڙن جي طبعيت خراب ٿي پئي دست الٽيون ڪرڻ سبب اسان جا ٻار بيحال ٿي ويا اسان بس عملي کي روڪڻ لاءِ چيو جيڪا مورو ۾ بيٺي اسان کي انسان دوست ماڻھن ھتي آندو ھڪ نياڻي فوت ٿي وئي باقي اللہ جو شڪر آھي ٻين معصومن کي ڊاڪٽرن بچائي ورتو ڊاڪٽرن محمد قاسم ڀٽي ۽ حفيظ اللہ ميمڻ چيو تہ ھنن ٻارڙن جي ھي حالت خراب پاڻي پيئڻ سبب ھنن کي ڪالرا ڊائريا ٿي ويو ھو ھينئر ھنن جي طبعيت سڌرندڙ آھي.
0 تبصرے