English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ عبدالستار شر جي نالي سان ٿي: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپور (احسان ابڙو)لکيدر ٿاڻي جي پوليس جو ماڙي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند ڌاڙيلن سان مقابلو. هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ ٻيا ڌاڙيل فرار ٿي ويا. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ عبدالستار شر جي نالي سان ٿي آهي. اڻڄاتل هٿياربند ڏوھاري ڦرلٽ جي ارادي سان روڊ تي بيٺا هئا. ڊي ايس پي سٽي شڪارپور ميڊم پارس بکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ لکيدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او الطاف ڪانڌرو پنهنجي ٽيم سان گڏ ڌاڙيلن سان پوليس مقابلو ڪيو. گرفتار ٿيل جوابدار کي طبي علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ موجب گرفتار ٿيل جوابدار ڦرلٽ، چوري، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي. گرفتاري وقت ملزم جي قبضي مان هڪ غير قانوني پستول ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آھن. ايس ايس پي شڪارپور موجب ملزم جي ڪرمنل رڪارڊ جي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي. جوابدار جي خلاف لکيدر ٿاڻي ۾ پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے