English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
263 views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ عبدالستار شر جي نالي سان ٿي: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپور (احسان ابڙو)لکيدر ٿاڻي جي پوليس جو ماڙي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند ڌاڙيلن سان مقابلو. هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ ٻيا ڌاڙيل فرار ٿي ويا. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ عبدالستار شر جي نالي سان ٿي آهي. اڻڄاتل هٿياربند ڏوھاري ڦرلٽ جي ارادي سان روڊ تي بيٺا هئا. ڊي ايس پي سٽي شڪارپور ميڊم پارس بکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ لکيدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او الطاف ڪانڌرو پنهنجي ٽيم سان گڏ ڌاڙيلن سان پوليس مقابلو ڪيو. گرفتار ٿيل جوابدار کي طبي علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ موجب گرفتار ٿيل جوابدار ڦرلٽ، چوري، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي. گرفتاري وقت ملزم جي قبضي مان هڪ غير قانوني پستول ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آھن. ايس ايس پي شڪارپور موجب ملزم جي ڪرمنل رڪارڊ جي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي. جوابدار جي خلاف لکيدر ٿاڻي ۾ پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
0 تبصرے