English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ريليون ڪڍيون ويون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ مختلف جماعتن NPciHA ء ضلعي انتظاميا عمرڪوٽ پاران 05 فيبروريءَ جي ڏھاڙي جي مناسبت سان ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور تي ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ جناح پارڪ کان عبدالله ڀنڀرو، حاجي عرس کاڙت، جماعت اسلامي پاران خالد کوکر جي اڳوڻي ۾ ريلي, پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ طرفان اج پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان يوم ڪشمير ڊي جو برهان الدين ڪنڀرانفارميشن سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪشمير ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويوريلي ويھرو بائي پاس کان سورج پارڪ چوڪ تائين زوردار نارن سان ڊاڪٽر گهنشام داس سٽي صدر ۔واحد بخش سمون ۔راجا رامچند ۔سوڏان ڪولهي ۔ موتيرام ميگهاڻي ۔ ٽيڪم مالهي ۔ڪشور هرچنداڻي ۔جيوت اوڏ ۔مور جوگي ۽ ٻين پارٽي ورڪرن شرڪت ڪئي مختلف ريليون پريس ڪلب پھتي، ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي، ان کانپوءِ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين ھڪ وڏي واڪ ريلي ڪڍي ويئي جنھن جي اڳواڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري ڪئي، ان موقعي تي واڪ ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ ،ايس ايڇ او الله ڏنو خاصخيلي، عطا لغاري ڊي او تعليم عمرڪوٽ، پرنسپال ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرئوف سومرو، انفارميشن کاتي، سوشل ويلفيئر کاتي، ايس ايڇ او سٽي عطا لغاري، پرنسال گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول نمبر ون دليپ ڪمار مالھي، ھيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽو خالد خاصخيلي، لوڪل گورنمينٽ کاتي عمرڪوٽ جي آفيسر خالد چوڌري، ٽيڪسيشن آفيسر اويس سميجو، مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن امام بخش خاصخيلي، محمد بخش ڪنڀر، جبار ڪنڀر، مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاهري، عبدالله ڀنڀرو چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھيون جڏھن ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام تي ظلم جي انتها ڪري چڪو آهي ۽ ڪشميري عوام پنهنجا حق کسڻ لاءِ پنهنجي ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن جون لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ سندن قربانيون ڪڏهن به رائيگاں نه وينديون ۽ هڪ ڏينهن اها جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ ڪشميري ڀائرن کي سندن حق ملندا، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، خالد کوکر چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميرين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ ڪشميري ڀائرن جي جنگ اسان جي جنگ آھي، اسان سڀ ڪشميرين تي ٿيل ظلم جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم هميشه والاريل ڪشمير تي ڀارت جي جبري تسلط خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ ڪشميري عوام پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ کين انھن کي اقوام متحده جي پاس ٿيل قرارداد تحت کين پنھنجو حق ملڻ گھرجي تہ جيئن اھي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگھن، ان موقعي تي ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال پروفيسر عبدالرئوف سومرو، حاجي عرس کاڙت، رسول بخش رحيمداڻي ء ٻئين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته سڄي پاڪستانين جون دليون مظلومن سان گڏ آهن، ھن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي مظالم بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪندي ڪشمير تي ٿيل پنھنجو ناجائز قبضو ختم ڪري ڇڏي، ان موقعي تي ريلي کي سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو، استاد گوتم سنگراسي، استاد رفيق ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي ريلي ۾ ڪشمير بڻنجندو پاڪستان، پاڪ فوج زنده باد، آئي ايس زنده باد پاڪستان زندہ باد جا نعرا پڻ هنيا ويا ۽ ريلي جي آخر ۾ ڪشميري ڀائرن جي حق ۾ دعا خير پڻ ڪئي ويئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪشميري ڀائرن
NPciHA
0 تبصرے