ملير ۾ مزاحمتي ڪردار فيض محمد عرف فيضو گبول جي ستين ورسي، کيس شاندار ڀيٽا پيش

اسٽيج ڊرامي ۾ فيضو گبول کي ڀيٽا، فيضو گبول پنهنجي ڌرتي جي مالڪي لاءِ مڙسي سان ويڙھ ڪري مثال قائم ڪري ڇڏيو: مقرر

ملير ۾ مزاحمتي ڪردار فيض محمد عرف فيضو گبول جي ستين ورسي، کيس شاندار ڀيٽا پيش

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ بحريہ ٽائون رٿا خلاف مزاحمت ڪندڙ فيض محمد عرف فيضو گبول جي ستين ورسي تقريب، سياسي سماجي، علمي، ادبي شخصيتن سميت علائقي واسين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، اسٽيج ڊرامي ۾ فيضو گبول کي ڀيٽا، فيضو گبول پنهنجي ڌرتي جي مالڪي لاءِ مڙسي سان ويڙھ ڪري مثال قائم ڪري ڇڏيو، شديد مزاحمت تي فيضو گبول سخت تشدد ۽ جيلن جو سختيون به برداشت ڪرڻيون پيون پر هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اڳواڻن جو ميڙاڪي کي خطاب تفصيل موجب : قديم ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ بحريه ٽائون سان مهاڏو اٽڪائي ڀرپور مزاحمت ڪندڙ فيض محمد عرف فيضو گبول جي ستين ورسي عوامي پريس ڪلب ملير طرفان رزاق آباد ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ سهيل شفيع ڄاموٽ، ن ليگ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ، جسقم اڳواڻ، الاهي بخش بڪڪ، قومي عوامي تحريڪ آڳوان اشفاق چنڙ، اشرف سمون، سولنگي منظور، عوامي تحريڪ آڳواڻ علي محمد ڪلمتي، ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي، فشر فوڪ فورم اڳواڻ ايوب شان خاصخيلي سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سيد خدا ڏنو شاھ چيو ته فيضو گبول مزاحمت ڪار هو جنهن پنهنجي ڳوٺن جي ڀرپور مالڪي ڪئي ۽ بحريا انتظاميا اڳيان آڻ نه مڃي ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويو هن چيو ته بحريا ٽائون اڃان تائين قديمي ڳوٺن تي هلان ڪري گهرن ۾ گهڙي ڳوٺاڻن تي تشدد ڪري رهي آهي ساڻس هاڻ هڪ هڪاڻي ڪرڻي پوندي هتي انصاف جا در بند ۽ حڪومت ٻوڙي ۽ گونگي آهي ڳوٺاڻا متحد ۽ مڙس ٿين 2015 کان انديجينئس رائيٽس لائنس سنڌ جي زمين تي والار خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي رهيو آهي جنهن جو ئي نتيجو آهي ته بحريا انتظاميا عالم آشڪار ٿي بدنام ٿي آهي قادر بخش ڪلمتي چيو ته فيضو گبول بحريا جي ڪُڌي ڪم کي وائکو ڪيو ۽ مهاڏو اٽڪائي بيهه رهيو هن چيو ته اسان کي شروع کان ئي اها گهر آهي ته بحريا کي مليل 16 هزار 800 ايڪڙن جي ماپ ڇو نٿي ڪئي ته خبر پوي ان جي حد ڪيستائين آهي بحريا انتظاميا 30 هزار کان وڌيڪ زمين تي والار ڪري ڳوٺن تي ڪاهون ڪري رهي آهي جنهن خلاف اسان کي منظم ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي الهي بخش بڪڪ، حفيظ بلوچ، اشرف سمون چيو ته ڌرتي ڌڻين سان ڌارين وارو ورتاءُ رکي اخلاقي، انساني ۽ بنيادي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي فيضو گبول ان کي عمل خلاف اُٿي بيٺو جنهن جي پاداش ۾ کيس جيل ڀوڳڻو پيو هنن چيو ته گڏاپ واري علائقي جي تڪراري رهائشي رٿا بحريا ٽائون جي انتظاميا ،هٿيار بند سيڪيورتي عملدارن،گڏاپ ٿاڻي جي پوليس سان گڏ قديم ڳوٺن تي هلان ڪرڻ وارو سلسلو اڃان جاري رکندي اچي گڏاپ ۾ قديم ڳوٺن جا ماڻهو سالن کان پنهنجي اباڻي زمين تي آباد آهن پر بحريا ٽائون انتظاميا سندن لاءِ رڻ باري ڏنو آهي ۽ زمين تنگ ڪئي آهي ڪامريڊ علي محمد ڪلمتي، اشفاق چنڙ، علي نواز گبول چيو ته فيضو گبول جي حياتي توڙي وفات کان پوءِ ڳوٺن جي رهواسين جون عزتون، زمينون ،وسيلا ۽ وجود خطري ۾ پئجي ويا آهن طاقتور ڌريون ڏنڊي جي زور تي سموريون اخلاقي ۽ انساني حدون اورنگهي قديم ڳوٺن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيا آهن اباڻا پٽ ،مال جون چراگاهون باراڻي زمينون ۽ قبرستان ميساريا پيا وڃن حڪومت ،ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا انصاف ڪرڻ بدران ذلتن جو تماشو ڏسي رهيا آهن اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ سنڌ جون سياسي ڌريون، انساني حقن جون تنظيمون، سگهاري جدوجهد ڪن ان موقعي تي ڌرتي منهنجي ماءُ ڊرامو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ اداڪارن غلام علي پالاري عرف مرچو موالي فيضو گبول ۽ علي شير لاهوتي ملڪ رياض جو ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيو ورسي تقريب کي فيضو گبول جي فرزند مراد گبول، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ اياز هڪڙو، قومي شاعر ۽ ليکڪ سولنگي منظور، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سامي ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو