ضلعي ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ٻارن جي صحت لاءِ خطرو آهي: ڊي سي نوشهروفيروز

صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ڀرپور ڪردار ادا ڪن: محمد ارسلان سليم

ضلعي ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ٻارن جي صحت لاءِ خطرو آهي: ڊي سي نوشهروفيروز

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم چيو آهي ته ضلعي ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ٻارن جي صحت لاءِ خطرو آهي، ان ڪري صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ڀرپور ڪردار ادا ڪن. 3 فيبروري کان شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم دوران 5 سالن تائين جي سمورن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ والدين جي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ضلعي ڪميٽي جي اينٽي پوليو مهم جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم وڌيڪ چيو ته ٻارن جي صحت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن پوليو خلاف مهم دوران ڪو به پوليو ٽيم ۽ آفيسر غفلت جو شڪار ثابت ٿيو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو پوليو ويڪسين جي ڪولڊ چين کي برقرار رکڻ لاءِ خاص ڌيان ڏين ۽ ضلعي جي ٻين علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي ٻارن تي به خاص ڌيان ڏين. ضلعي جي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر. چانڊيو ۽ ضلعي پوليو ڪنٽرول روم جي انچارج ڊاڪٽر وجي اجلاس کي ٻڌايو ته مورو جي ڊرينيج ڊسپوزل مان مليل پوليو وائرس ڪراچي جي پوليو وائرس سان ملندڙ جلندڙ آهي.ڏاڪٽروجي ڪمار چيو ته ضلعي ۾ 3 کان 9 فيبروري تائين هلندڙ قومي انسداد پوليو مهم دوران 3 لک 42 هزار 312 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽيمن جي تشڪيل ۽ تربيت سميت سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن سمورن تعلقن ۾ پوليو ٽيمن جي روانگي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۽ مهم دوران ٽيمن جي ڪم جي نگراني لاءِ منصوبو پڻ جوڙيوويو آهن.