جماعت اصلاح المسلمين مرڪز وھرو شريف برانچ جي باڊي چونڊي وئي

اجلاس ۾ خليفه سڪيلڌو طاھري نائب صدر دوئم صوبه سنڌ ۽ ضلعي صدر فريد احمد ڪنڀار به شريڪ

جماعت اصلاح المسلمين مرڪز وھرو شريف برانچ جي باڊي چونڊي وئي

عمرڪوٽ (ڊ ر) جماعت اصلاح المسلمين مرڪز وھرو شريف برانچ جي نئين باڊي جو انتخاب مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت جي مڃيل اڳواڻن جي موجودگي ۾ باڊي جوڙي وئي، ھن اجلاس ۾ خليفه سڪيلڌو طاھري نائب صدر دوئم صوبه سنڌ ۽ ضلعي صدر فريد احمد ڪنڀار پڻ موجود هئا، جن جي نگراني ۾ نئين باڊي جو انتخاب ڪيو ويو، نئين منتخب باڊي ۾ حاجي رياض احمد ڪنڀار صدر، سلطان احمد ڪنڀار نائب صدر، نعمت الله ڪنڀار جنرل سيڪريٽري، محمد موسي ڪنڀار جوائنٽ سيڪريٽري، محمد ڄامن ڪنڀار فنانس سيڪريٽري، مقبول احمد ڪنڀار پريس سيڪريٽري، نعيم احمد ڪنڀار اطلاعات سيڪريٽري، سيف الله ڪنڀار لائبرري انچارج ۽ فاروق احمد ڪنڀار آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا، ھن نئين باڊي جي انتخاب سان جماعت اصلاح المسلمين مرڪز وھرو شريف برانچ جي فعاليتن ۾ نئي روح اچي وئي آهي ۽ ان ۾ جماعت جي سرگرمين کي وڌيڪَ منظم ۽ مؤثر بڻائڻ جو عزم ڏيکاريو ويو آهي.